ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) ريلوي کاتي بلوچستان مان ٽرين سروس اڄ هڪ ڏينهن لاءِ معطل ڪري ڇڏي.ريلوي اختيارين موجب، ٽرين سروس ريلوي ٽريڪ تي مرمتي ڪمن جي ڪري معطل ڪئي وئي آهي. اختيارين ٻڌايو ته اڄ پشاور ويندڙ جعفر ايڪسپريس جي روانگي منسوخ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته پشاور کان ڪوئيٽا ايندڙ جعفر ايڪسپريس کي جيڪب آباد تائين محدود رکيو ويندو. ان کان علاوه، ٽرين جي معطلي جي ڪري مسافرن کي ٽڪيٽ جا پورا پئسا واپس ڪيا ويندا.










