ڪوئٽا (ويب ڊيسڪ) ريلوي کاتي اڄ کان بلوچستان مان ٽرين آپريشن بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ريلوي اختيارين موجب، صوبي مان اڄ کان ٽرين آپريشن بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.اختيارين ٻڌايو ته اڄ پشاور لاءِ جعفر ايڪسپريس مقرر وقت تي روانو ٿيندي، جڏهن ته پشاور مان به جعفر ايڪسپريس صبح جو ڪوئيٽا لاءِ روانو ٿيندي.واضح رهي ته بلوچستان مان ٽرين سروس ٽن ڏينهن کان معطل هئي.










