جيڪب آباد ن س)بلوچستان جي شهر جعفرآباد مان 11 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل واپاري جو پٽ پوليس جيڪب آباد ويجهو ڪارروائي ڪندي بازياب ڪرايو.پوليس موجب ڳجهي اطلاع تي جيڪب آباد ڀرسان هڪ گهر تي ڇاپو هڻي مغوي فرقان سومرا کي بازياب ڪرايو ويو پر ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه آئي.يارنهن ڏينهن اڳ جعفر آباد مان مشهور واپاري آسيه محمد جي پٽ اسلم سومرا کي اغوا ڪيو ويو هو.ياد رهي ته 10 ڏينهن اڳ اغوا ٿيلن جي بازيابي لاءِ سنڌ ۽ بلوچستان جي پٽي تي ڪيل آپريشن ۾ بلوچستان پوليس جي هڪ انسپيڪٽر سميت 6 اهلڪار شهيد ٿي ويا هئا.










