بلوچستان: زوب ۾ 4.3 شدت جو زلزلو

بلوچستان: زوب ۾ 4.3 شدت جو زلزلو

زوب (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي زوب ۾ زلزلي جا جھٽڪا محسوس ڪيا ويا، زلزلي جي شدت 4.3 رڪارڊ ڪئي وئي.زلزلي جي پيما مرڪز (سيزمولوگيڪل سينٽر) موجب، زوب جي اتر-اوڀر وارن علائقن ۾ رات 8 بجي 47 منٽن تي زلزلي جا جھٽڪا محسوس ڪيا ويا.زلزلي جي شدت 4.3 ۽ گهرائي 88 ڪيلوميٽر رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته زلزلي جو مرڪز زوب کان 70 ڪيلوميٽر پري اتر-اوڀر ۾ هو.زلزلي سبب شروعاتي طور تي ڪنهن به قسم جي نقصان جو اطلاع ناهي مليو.

پهنجو تبصرو موڪليو