بلوچستان حڪومت، زيارت ۾ شھيدن جي وارثن ۽ ڌرڻا ڪميٽي وچ ۾  ڳالهيون ڪامياب

بلوچستان حڪومت، زيارت ۾ شھيدن جي وارثن ۽ ڌرڻا ڪميٽي وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب

ڪوئٽه(ويب ڊيسڪ) بلوچستان حڪومت، زيارت جي شھيدن جي وارثن ۽ ڌرڻو ڪميٽي وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون آهن. ڌرڻو ڪميٽي جي ميمبر نصرالله زيري جو چوڻ آهي ته ڳالهين جي مسودي تي ڌرين جو اتفاق ٿي ويو آهي، حڪومت، وارثن ۽ ڌرڻو ڪميٽي معاهدي تي دستخط ڪري ڇڏيا آهن.معاهدي تحت زيارت واقعي جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي، وزيراعليٰ بلوچستان جي صدارت هيٺ امن امان بابت هڪ گڏيل اجلاس ٿيندو. معاهدي جي متن موجب، اپوزيشن ۽ شھيدن جا وارث ان اجلاس ۾ شرڪت ڪندا، زيارت جي شھيدن کي سرڪاري پاليسي تحت شھيد قرار ڏنو ويندو، وارثن کي مالي معاوضو، ڪفالت ۽ ٻارن کي تعليم فراهم ڪئي ويندي. معاهدي جي متن مطابق، شھيدن جي نالن تي سرڪاري عمارتون پڻ منسوب ڪيون وينديون. بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي جو چوڻ آهي ته شھيدن جي گهرڀاتين جي سار سنڀال ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي، پاڪ فوج، ايف سي ۽ پوليس جون قربانيون ڪڏهن به وسارڻ جوڳيون ناهن.

پهنجو تبصرو موڪليو