ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ گجگوڙ سان برسات کانپوءِ ٿڌ ۾ اضافو ٿي ويو آهي.موسميات کاتي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڀ کان وڌيڪ ٿڌو علائقو اسڪردو ۾ رهيو، جتي پارو مائنس 9 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.ان کان علاوه وفاقي راڄڌاني اسلام آباد به ڪوهيڙي جي لپيٽ ۾ آهي جنهن سبب فلائيٽ شيڊول متاثر ٿي رهيو آهي، اسلام آباد جون 3 بين الاقوامي اڏامون ڪراچي ۽ لاهور ۾ گرائونڊ ڪيون ويون آهن. ٻئي طرف وچ پنجاب ۾ ڪوهيڙي جي شدت گهٽجي وئي آهي، موٽر وي جا مختلف سيڪشن رات جو بند رهڻ بعد ٻيهر کوليا ويا آهن.موسميات کاتي ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران خيبرپختونخواهه، پنجاب ۽ مٿانهين سنڌ جي ميداني علائقن ۾ سخت ڪوهيڙي پوڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي.










