ڪوهلو(ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي شهر ڪوهلو ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا.پوليس موجب ڪوهلو ۾ دڪان ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته ڌماڪي جي نوعيت جو پتو لڳايو پيو وڃي ۽ واقعي واري هنڌ کي سيل ڪري ثبوت گڏ ڪيا پيا وڃن. بم ڊسپوزل اسڪواڊ جو چوڻ آهي ته ڌماڪي واري هنڌ کي سيل ڪيو ويو آهي.










