راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)فوج جي تعلقات عامه (ISPR) جي ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري اربع ڏينهن چيو ته 5 جولاءِ کان وٺي بلوچستان ۾ ٿيل دهشتگرد حملن ۽ ان کانپوءِ ٿيندڙ آپريشنن دوران 4 شهري، 27 پوليس اهلڪار ۽ 11 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿيا، جڏهن ته 54 دهشتگرد مارجي ويا آهن. هن ٻڌايو ته 4 ۽ 5 جولاءِ جي رات ڪوئيٽا جي مضافات هنا اڙڪ ۾ هٿياربند حملي دوران 4 شهري شهيد ٿيا، 6 جولاءِ تي زيارت جي پوليس چيڪ پوسٽ تي حملي ۾ 9 پوليس اهلڪار شهيد ۽ 15 دهشتگرد ماريا ويا. زيارت ۾ جاري ڪليئرنس آپريشن دوران هيل تائين 18 وڌيڪ پوليس اهلڪار شهيد ۽ 11 دهشتگرد ماريا ويا. اڄ بيلا-وندر ۾ فوجي قافلي تي حملي دوران 11 فوجي شهيد ۽ 14 دهشتگرد ماريا ويا. خاران ۾ آپريشن دوران 6 ۽ دالبندين ۾ 8 دهشتگرد ماريا ويا. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو: “اسين اوهان جو هر هنڌ پيڇو ڪنداسين ۽ هر هنڌ اوهان کي سخت نقصان پهچائينداسين.”
راولپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته گذريل چئن ڏينهن دوران ٽي وڏا دهشتگرد حملا ٿيا آهن.
هن انهن واقعن جو تفصيل ڏيندي چيو ته پهريون حملو 5 جولاءِ تي ڪوئيٽا جي ڀرپاسي ۾ ٿيو، ٻيو 6 جولاءِ تي زيارت ۾ پوليس چوڪي تي ٿيو ۽ ٽيون اڄ بيلا ۾ فوجي قافلي تي گهات لڳائي ڪيو ويو.
هن چيو: “انهن ٽن وڏن واقعن ۾ پهرين چار شهري، پوءِ پوليس ۽ فوج جا جوان شهيد ٿيا. اهڙي طرح شهيدن جو مجموعي انگ 42 ٿي ويو آهي.”
هن وڌيڪ چيو: “اهي 42 قيمتي جانيون پنهنجي وطن جي حفاظت ڪندي قربان ٿيون.” ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب، تازي انگن اکرن مطابق 54 دهشتگردن جي مارجي وڃڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي.
سندس چوڻ هو ته هن وقت ڪيترن ئي هنڌن تي سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ مقابلا جاري آهن. “فوج، فرنٽيئر ڪور (ايف سي)، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا، سيڪيورٽي فورسز ۽ انٽيليجنس ادارا زمين توڙي هوا مان دهشتگردن خلاف ڪارروائيون ڪري رهيا آهن.”
هن زور ڀريو ته: “انهن سڀني کي سندن انجام تائين پهچايو ويندو، جنهن جا اهي حقدار آهن.”
ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته پهريون حملو 4 ۽ 5 جولاءِ جي وچ واري رات هنا اڙڪ ۾ ٿيو، جتي سندس لفظن موجب “فتنه الخوارج جي دهشتگردن معصوم مقامي آبادي تي حملو ڪيو.”
هن چيو ته مقامي ماڻهن بهادري سان مقابلو ڪيو ۽ “ڀارت جي حمايت يافته فتنه الخوارج سان لاڳاپيل دهشتگردن کي ڀڄڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو.”
حڪومت پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) ۽ ان سان لاڳاپيل گروهن لاءِ “فتنه الخوارج” جو اصطلاح استعمال ڪري ٿي.
ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب ان حملي دوران چار بيگناهه شهري شهيد ۽ ڇهه زخمي ٿيا.
ٻئي واقعي بابت تفصيل ڏيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته فتنه الخوارج (FAK) سان لاڳاپيل دهشتگردن 6 جولاءِ تي زيارت ۾ منگي ڊيم جي پمپنگ اسٽيشن نمبر 3 جي حفاظت ڪندڙ پوليس چيڪ پوسٽ تي ڪيترن ئي طرفن کان گڏيل حملو ڪيو.
هن ياد ڏياريو ته سومر ۽ اڱاري جي وچ واري رات ٿيل ان دهشتگرد حملي ۾ ٻن اسٽيشن هائوس آفيسرن (ايس ايڇ اوز) سميت گهٽ ۾ گهٽ 9 پوليس اهلڪار شهيد ٿيا.
ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پوليس اهلڪارن وڏي بهادري سان پنهنجي مورچن تي بيهي مقابلو ڪيو ۽ سخت ويڙهه دوران 15 خارجي دهشتگرد ماريا ويا، جڏهن ته 9 پوليس اهلڪار وطن تان قربان ٿي شهيد ٿي ويا.
هن چيو ته فوج ۽ فرنٽيئر ڪور (ايف سي) جون اضافي نفريون فوري طور روانيون ڪيون ويون، پر “انهن جي پهچڻ کان اڳ دهشتگرد باقي پوليس اهلڪارن کي يرغمال بڻائي پاڻ سان وٺي ويا.”
هن وڌيڪ چيو ته جڏهن سيڪيورٽي فورسز واقعي واري هنڌ پهتيون ته 15 خارجي دهشتگردن جا لاش اتي موجود هئا. هن واضح ڪيو ته شهيد ٿيل پوليس اهلڪار سڀ مقامي رهواسي هئا.
ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته فوج، ايف سي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن دهشتگردن جو تعاقب جاري رکيو ۽ آهستي آهستي انهن جو گهيرو تنگ ڪندا ويا.
هن چيو: “اسان انتهائي احتياط ڪيو، ڇاڪاڻتہ دهشتگردن اسان جي نوجوانن کي يرغمال بڻائي ڇڏيو هو، تنهنڪري ڪنهن به قسم جا فضائي حملا نه ڪيا ويا ته جيئن يرغمال بڻايل اهلڪارن کي نقصان نه پهچي.”
ڊي جي آءِ ايس پي آر انڪشاف ڪيو ته 6 جولاءِ کان زيارت جي جبلن ۾ جاري مقابلي دوران وڌيڪ 18 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا.
هن چيو: “ان عرصي دوران ڪيترائي خارجي دهشتگرد به ماريا ويا، پر جڏهن انهن ڏٺو ته سندن چوڌاري گهيرو مڪمل طور تي تنگ ٿي چڪو آهي ته انهن بزدلي جو مظاهرو ڪندي بلوچستان پوليس جي 18 بهادر جوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو. اهو واقعو اڄ پيش آيو.”
هن واضح ڪيو ته اهي 18 شهيد سڀئي بلوچستان پوليس جا نوجوان اهلڪار هئا.
ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب، آپريشن اڃا تائين جاري آهي ۽ هيل تائين 11 وڌيڪ دهشتگرد مارجي چڪا آهن.
هن ٻنهي واقعن جي گڏيل تفصيل ڏيندي چيو ته چيڪ پوسٽ تي حملي ۾ 9 پوليس اهلڪار شهيد ٿيا، جڏهن ته بعد ۾ 18 وڌيڪ شهيد ٿيا، جنهن سان شهيد پوليس اهلڪارن جو مجموعي انگ 27 ٿي ويو.
دهشتگردن جي نقصان بابت هن چيو:
“چيڪ پوسٽ تي حملي کانپوءِ دهشتگرد 15 لاش ڇڏي ويا هئا، جڏهن ته اڄ اسان 11 وڌيڪ دهشتگردن جي مارجي وڃڻ جي تصديق ڪئي آهي، اهڙي طرح ماريل خارجي دهشتگردن جو مجموعي انگ 26 ٿي ويو آهي.”
اڄ پيش آيل ٽئين دهشتگرد حملي بابت فوجي ترجمان چيو ته بيلا ۽ وندر واري علائقي ۾ فوج جي هڪ قافلي تي پابندي مڙهيل بلوچ لبريشن آرمي (BLA) جي دهشتگردن حملو ڪيو.
هن چيو: “فوجي قافلي تي حملي دوران هڪ جونيئر ڪمشنڊ آفيسر (JCO) ۽ 10 جوانن سميت 11 فوجي شهيد ٿيا، جڏهن ته فتنه الهندستان سان لاڳاپيل بي ايل اي جا 14 دهشتگرد ماريا ويا.” هن ٻڌايو ته اهو واقعو اين-25 شاهراهه جي ويجهو پيش آيو.
حڪومت انهن گروهن لاءِ، جن تي پاڪستاني سرزمين تي دهشتگرد حملا ڪرائڻ لاءِ ڀارت جي سرپرستي جو الزام آهي، “فتنه الهندستان” جو اصطلاح استعمال ڪري ٿي.
ڊي جي آءِ ايس پي آر وڌيڪ چيو ته سيڪيورٽي فورسز خاران ۾ هڪ آپريشن دوران 6 دهشتگرد ۽ دالبندين ۾ 8 دهشتگرد به ماريا، ۽ سندس چوڻ موجب اهي سڀئي فتنه الهندستان سان لاڳاپيل هئا.
حملن جي ذميوارن بابت ڳالهائيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته انهن حملن جي پويان ڀارت ۽ اهي قوتون آهن، جيڪي پاڪستان جي عزت، خوشحالي ۽ استحڪام کي برداشت نٿيون ڪن.
هن حڪومت جي موقف کي ورجائيندي چيو ته اهي عناصر افغان طالبان جي ان حڪومت جي قبضي هيٺ علائقن کي، جنهن کي هن “غيرقانوني حڪومت” قرار ڏنو، دهشتگرد ڪاررواين جي مرڪز طور استعمال ڪري رهيا آهن.
ڊي جي آءِ ايس پي آر دعويٰ ڪئي ته مقابلي دوران مارجي ويل دهشتگردن جي اڪثريت افغان شهري نڪتي آهي.
هن چيو ته 27 جون تي ڪراچي ۾ رينجرز جي ڪئمپ تي ٿيل حملي ۾ شامل چئن حملو ڪندڙن مان ٽي افغان هئا ۽ حملي جي مڪمل رٿابندي، هٿيارن جي فراهمي ۽ تياري افغانستان مان ڪئي وئي هئي.
هن چيو ته وندر، بابرئي ۽ منگي ڊيم سميت مختلف هنڌن تي ٿيل حملن مان ظاهر ٿئي ٿو ته انهن جي پويان هڪ منظم منصوبابندي، ماسٽر مائينڊ، ارادو، لاجسٽڪ سهڪار ۽ آپريشنل حڪمت عملي موجود آهي. هن وڌيڪ چيو ته افغانستان انهن کي انساني وسيلا فراهم ڪري رهيو آهي.
ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو: “ڇا اوهان بلوچستان کي ترقي ڪندي ڏسڻ نٿا چاهيو؟ ڇاڪاڻتہ اوهان ڄاڻو ٿا ته بلوچستان پاڪستان جي حياتيءَ جي رڳ ۽ فخر آهي. بلوچستان جي خوشحالي هڪ اهڙي حقيقت آهي، جنهن کي ڪو به تبديل نٿو ڪري سگهي.”
هن وڌيڪ چيو: “ڇا اوهان اها ڳالهه برداشت نٿا ڪري سگهو؟ ڇا اوهان کي ڪوئيٽا کي پاڻي فراهم ڪندڙ پائيپ لائين سان به مسئلو آهي؟ ڇا بلوچستان جي عوام جي ڀلائي واري هر منصوبي سان اوهان کي دشمني آهي؟”
سندس چوڻ هو: “جيڪڏهن ڳالهه اها آهي ته پوءِ اسان کي مڪمل طور خبر آهي ته انهن سان ڇا ڪرڻو آهي.”
هن چيو ته چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل عاصم منير جي قيادت ۽ حڪومت جي رهنمائي هيٺ هٿياربند فوجون مڪمل عزم ۽ واضح حڪمت عملي سان اڳتي وڌي رهيون آهن.
ڊي جي آءِ ايس پي آر خبردار ڪندي چيو: “اسين اوهان جو هر هنڌ پيڇو ڪنداسين ۽ هر هنڌ اوهان کي نقصان پهچائينداسين.”
هن چيو ته بلوچستان جي حڪومت ۽ عوام به ساڳئي عزم جا مالڪ آهن، ۽ ان جو مثال اهو آهي ته وڏي وزير سرفراز بگٽي منگي ڊيم واري واقعي کان پوءِ سڙڪ رستي زيارت پهچي اتي جي ماڻهن سان ملاقات ڪئي.
ليفٽيننٽ جنرل چوڌري چيو ته گذريل ٽن سالن دوران رياست اهو واضح ڪندي آئي آهي ته دهشتگردي جو اسلام سان ڪو تعلق ناهي، جڏهن ته “فتنه الهندستان” جو بلوچستانيت سان به ڪو واسطو ناهي، ۽ اهو موقف دهشتگردن لاءِ پريشاني جو سبب بڻجي رهيو آهي.
هن چيو ته حڪومت جڏهن غيرقانوني افغان شهرين کي ملڪ مان ڪڍڻ جو فيصلو ڪري ٿي ته دهشتگرد ان جي به مخالفت ڪن ٿا ۽ سمجهن ٿا ته اهڙيون ڪارروايون ڪري هو رياست کي دٻاءُ ۾ آڻي سگهندا.
هن چيو: “رڳو اهو ماڻهو ڊيڄاري سگهجي ٿو، جيڪو ڊيڄارڻ ڄاڻي. دنيا ۾ اهڙو ڪو به پيدا ناهي ٿيو، جيڪو پاڪستاني رياست کي ڊيڄاري سگهي.”
هن وڌيڪ چيو: “اسين هتي آهيون ۽ هتي رهنداسين. پاڪستان موجود آهي، بلوچستان موجود آهي ۽ بلوچستان جا ماڻهو به موجود آهن.”
فوجي ترجمان چيو ته هر دهشتگرد، سندس سهولتڪار، پناهه ڏيندڙ، مالي مددگار ۽ پٺڀرائي ڪندڙ خلاف، جتي به هوندا، بنا ڪنهن فرق جي ڪارروائي ڪئي ويندي.
هن وڌيڪ چيو: “جيڪڏهن اوهان اسان جي ٻارن، بهادر پوليس اهلڪارن، فوجين ۽ بيگناهه شهرين کي نشانو بڻائيندا ته پوءِ اسان کان اها اميد نه رکو ته اسان اوهان سان نرم رويو اختيار ڪنداسين يا ڳالهين جو رستو اختيار ڪنداسين.”
پريس ڪانفرنس جي پڄاڻي تي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته سيڪيورٽي فورسز، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ عوام گڏجي دهشتگردي خلاف جنگ وڙهي رهيا آهن ۽ هر حال ۾ ڪاميابي حاصل ڪندا، ڇاڪاڻتہ اهي حق ۽ سچ جي راهه تي آهن ۽ پنهنجي ملڪ جي حفاظت ڪري رهيا آهن.
محسن نقوي ۽ سرفراز بگٽي پاران سيڪيورٽي فورسز کي ڀيٽا
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ٽن ڏينهن دوران 54 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري ۽ پيشيوراڻين صلاحيتن کي ساراهيو.
هن پنهنجي بيان ۾ 42 شهيد فوجين، پوليس اهلڪارن ۽ شهرين کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو: “وطن جي بهادر سپوتن بروقت ڪارروائي ڪري ڀارت جي سرپرستي هيٺ ڪم ڪندڙ دهشتگردن جا ناپاڪ ارادا ناڪام بڻائي ڇڏيا.”
هن شهيدن کي “سڄي قوم جو فخر” قرار ڏيندي چيو ته سندن قربانيون دهشتگردي خلاف قوم جي اٽل عزم جو اظهار آهن.
ٻئي طرف بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي به فوج، بلوچستان پوليس، فرنٽيئر ڪور ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي بهادري، پيشيوراڻين صلاحيتن ۽ بروقت ڪارروائين کي ساراهيو.
هن چيو ته تازا دهشتگرد حملا پاڪستان جي امن، ترقي ۽ قومي يڪجهتي کي نقصان پهچائڻ لاءِ هڪ منظم ۽ شرپسند سازش جو حصو هئا، پر رياست، حڪومت ۽ عوام وٽ هر اهڙي سازش کي ناڪام بڻائڻ جي مڪمل صلاحيت ۽ عزم موجود آهي.
سندس چوڻ هو ته دهشتگردي ذريعي بلوچستان جي امن ۽ ترقي کي روڪڻ جون ڪوششون ماضي ۾ به ناڪام ٿيون آهن ۽ مستقبل ۾ به ناڪام رهنديون.
هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي جرئت ڀري جواب ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته پاڪستان جا محافظ هر قسم جي خطري کي منهن ڏيڻ جي مڪمل صلاحيت رکن ٿا.
شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪندي سرفراز بگٽي چيو ته سندن قربانيون سڄي ملڪ لاءِ فخر جو باعث آهن. هن ٻيهر واضح ڪيو ته دهشتگردن، سندن سهولتڪارن ۽ سرپرستن خلاف بنا ڪنهن امتياز جي ڪارروائي جاري رهندي ۽ ڪنهن کي به بلوچستان جي امن، مستقبل يا ترقياتي عمل کي نقصان پهچائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.
آخر ۾ وڏي وزير چيو: “بلوچستان پاڪستان جو روح ۽ فخر آهي.”
هن وڌيڪ چيو ته صوبائي حڪومت جان ۽ مال جي تحفظ، پائيدار امن جي قيام ۽ بلوچستان جي هر شعبي ۾ ترقي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا موجود وسيلا استعمال ڪري رهي آهي.










