اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)آمريڪي پرڏيهي وزير اينٿوني بلنڪن پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري پاڪستان جي معيشت ۽ افغان معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.آمريڪي پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب اينٽوني بلنڪن پاڪستاني پرڏيهي وزير سان ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا لاڳاپن ۾ تعميري ڀائيواري برقرار رکڻ جي عزم کي ورجايو. انتوني بلنڪن چيو ته پاڪستان جو عوام دهشتگرديءَ کان سخت متاثر ٿيو آهي ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪستان سان تعاون جاري رکندو.آمريڪي اسٽيٽ آفيس جي ترجمان موجب ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن يوڪرين خلاف روس جي جنگ جي پرامن ۽ مستحڪم افغانستان تي اثرن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ انتوني بلنڪن چيو ته بلاول ڀٽو سان سندس مثبت ڳالهه ٻولهه ٿي، پاڪستان جي معيشت جي بحالي ۽ علائقائي صورتحال خاص طور تي افغانستان تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، آمريڪا پاڪستان سان مثبت، جمهوري ۽ تعميري لاڳاپن جي حمايت ڪري ٿو.پاڪستاني پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري آمريڪي پرڏيهي وزير انتوني بلنڪن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.ان دوران ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ آمريڪا لاڳاپن ۾ مثبت رفتار جو جائزو ورتو.پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ٻنهي ڌرين امن، سلامتي ۽ ترقي جي فروغ لاءِ تعميري لاڳاپا جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.










