بلندي تان ٽپو ڏيندڙ سنڌي نوجوان جو رڪارڊ

بلندي تان ٽپو ڏيندڙ سنڌي نوجوان جو رڪارڊ

دادو(رپورٽ عزيز الله خاصخيلي) جوهي جي نوجوان دبئي ۾ 13 هزار فٽ اونچائي تان ٽپو ڏئي رڪارڊ قائم ڪري ورتو. عبدالحميد لغاري عرف شايان آمريڪن لائسنسڊ اسڪاءِ ڊائيور آهي ۽ علائقي جي نوجوانن لاءِ اتساهه بڻيل آهي. هو يونائيٽيڊ ايسوسيئيشن پيراشوٽر جو لائسنس رکڻ وارو پھريون پاڪستاني سنڌي نوجوان آهي.هي نوجوان هن وقت تائين ڪيترن ئي مقابلن ۾ حصو وٺي چڪو آهي نوجوان عبدالحميد لغاري سال 1992 ۾ روزگار لاءِ دبئي ويو هو ۽ اتي پيراشوٽنگ ۾ حصو ورتائين نوجوان جهاز ذريعي هزارين فٽن جي بلندي تان ٽپو ڏئي رڪارڊ قائم ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو