بلاول ۽ شهباز ملاقات، آزادي مارچ ۾ مشروط شرڪت جو اعلان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جي اعليٰ قيادت ۾ ملاقات، مولانا فضل الرحمان جي آزادي مارچ جي حمايت، اپوزيشن جي ٻنهي وڏين جماعتن آزادي مارچ ۾ شرڪت هڪ مهينو ملتوي ڪرڻ سان مشروط ڪري ڇڏيو. احسن اقبال ۽ شيري رحمان بريفنگ ڏيندي ڌيو ته اسانکي تياري لاءِ وقت گهرجي، ربيع الاول جو  مهينو گذري ڀلي آزادي مارچ نومبر ۾ ڪيو وڃي. اڱاري تي بلاول ڀٽو زرداري، سيد يوسف رضا گيلاني، فرحت الله بابر۽ شيري رحمان سان گڏ فليگ اسٽريٽ يعني وفاقي وزيرن جي ڪالوني ۾ واقع قومي اسمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر جي حيثيت ۾ مليل شهباز شريف جي گهر پهتو.

جتي شهباز شريف، راجا ظفرالحق، رانا تنوير، احسن اقبال ۽ مريم اورنگزيب موجود هئا. ٻنهي ڌرين ۾ تفصيلي ڳالهه ٻولهه بعد احسن اقبال ۽ شيري رحمان ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڏيندي چيو ته ٻئي جماعتون نازل ڪيل وزيراعظم کي بنا دير گهر موڪلڻ ۽ نيون چونڊون ڪرائڻ جي مطالبي تي قائم آهن. هنن چيو ته مولانا فضل الرحمان کي اڪيلي طور مارچ ڪرڻ نه گهرجي اپوزيشن جي سڀني جماعتن کي سان کڻي هلڻ گهرجي. احسن اقبال چيو ته مولانا ٻن مهينن کان آزادي مارچ جي تياري ڪري رهيو آهي اسانکي تياري لاءِ وقت گهرجي ۽ مٿان ربيع الاول جو مهينو به آهي ان ڪري اسين مولانا سان رابطو ڪري آزادي مارچ آڪٽوبر بدران نومبر ۾ ڪرڻ بابت ڳالهائينداسين. هنن چيوته مولانا کي چونداسين ته آل پارٽيز گهرائي اپوزيشن جي سڀني جماعتن کي شرڪت جي ڪوٺ ڏئي مارچ کي ڀرپور ڪامياب بڻايو. پيپلز پارٽي جي اڳواڻ بلاول ڀٽو اڳ ۾ ڌرڻي ۽ مارچ جي اخلاقي حمايت ته ڪئي هئي پر شرڪت کان انڪار ڪيو هو. هاڻي گڏجي جدوجهد ۽ مارچ ۾ شرڪت لاءِ مشروط رضامندي ظاهر ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو