ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي ۾ تحريڪ انصاف جي ميمبر خرم شير زمان چيو آهي ته بلاول کي تفريح لاءِ هڪ جهاز ملي ويو، جيئن ٻار کي رانديڪو ملندو آهي.پرڏيهي وزير جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي خرم شير زمان چيو ته بلاول زرداري ائين تاثر ڏنو ڄڻ سنڌ حڪومت متاثرن لاءِ وڏو ڪم ڪري رهي آهي، حقيقت اها آهي ته بلاول جي حڪومت متاثرن جي خدمت ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي. هن چيو ته متاثرن کي لکن جو راشن به ناهي مليو، متاثر علائقن مان پاڻي ناهي نڪري سگهيو، 130 ارب ڪٿي خرچ ٿيا؟ ڪنهن کي فائدو پهچايو ويو ڪا خبر ناهي. سندس چوڻ هو ته بلاول ٻڌائي ته هن پاڻ هيل تائين ڪيترن ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيو آهي؟










