پرڏيهي وزير طور حلف بعد بلاول جي بريفنگ ۽ صدر سان ملاقات

پرڏيهي وزير طور حلف بعد بلاول جي بريفنگ ۽ صدر سان ملاقات

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پرڏيهي وزير طور حلف کڻي ورتو آهي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي عهدي جو حلف ايوان صدر ۾ ٿيو، جتي صدر عارف علي بلاول ڀٽو کان حلف ورتو. حلف کڻڻ بعد هو پرڏيهي وزارت جي آفيس ويو جتي کيس بريفنگ ڏني وئي. هو پاڪستان جو نوجوان پرڏيهي وزير بڻجي ويو آهي. بريفنگ بعد هن صدر عارف علوي سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم سان به ملندو. ان کان اڳ تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شريف، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، راجا پرويز اشرف ۽ پ پ قيادت سميت ٻين حڪومتي ميمبرن به شرڪت ڪئي، جڏهن ته بلاول ڀٽو جي ڀيڻ آصفه ڀٽو زرداري به ان موقعي تي موجود هئي حلف برداري جي تقريب کانپوءِ صدر عارف علي بلاول ڀٽو سان هٿ ملايو ۽ کيس مبارڪباد ڏني، جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف بلاول سان مليو ۽ کيس مبارڪباد ڏني، واضح رهي ته حنا رباني کر وزير اعظم شهباز شريف جي ڪابينا ۾ پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير آهي

پهنجو تبصرو موڪليو