بغداد(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري شيخ عبدالقادر جيلاني جي مزار تي حاضري ڀري.پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو جو استقبال شيخ عبدالقادر جيلاني جي درگاهه جي سجاده نشين شيخ خالد عبدالقادر منصور الجيلاني ڪيو ۽ کيس درگاهه جي مختلف حصن جي زيارت به ڪرائي.شيخ عبدالقادر جيلاني جي مزار جي نئين حصي کي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري خاص طور کوليو.ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري شيخ عبدالقادر جيلاني جي مزار تي فاتحه خواني ڪئي ۽ گلن جي چادر چاڙهي.










