مظفر ڳڙهه(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو ٻوڏ متاثر علائقن ۾ آبادگارن جي بجلي جا بل معاف ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.مظفر ڳڙهه جي ٺٽي سيال واري علائقي ۾ ٻوڏ متاثرين سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو چيو ته آبادگارن کي چانورن ۽ ڀاڻ جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. هن وزيراعظم تي زور ڀريو ته ٻوڏ متاثرن جي بي آءِ ايس پي جي نظام ذريعي امداد ورهايو، ڪمپيوٽرائيزڊ ڊيٽا موجود آهي. هن وزيراعظم کي اپيل ڪئي ته 2022 جي ٻو_ ۾ ڏکڻ پنجاب ۾ هزارين ماڻهن جا گهر ڪري پيا هئا، حڪومت سندن مدد جو اعلان ڪيو هو پر عمل نه ٿيو، هن چيو ته جنهن ريت سنڌ ۾ 20 لک کان مٿي گهر ڏنا پيا وڃن، پنجاب ۾ حڪومت کين گهر ٺهرائي ڏي. ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ اپيل جو مشورو ڏيندي بلاول چيو ته هي سياسي بيان بازي جو موقعو ناهي، هن وقت اهو ناهي ته متاثر ٿيل شخص ڪٿي آهي، اهو اسان سڀني جي ذميواري آهي ته ڏکئي وقت ۾ ماڻهن جي مدد ڪريون.بلاول ڀٽو هڪ ڀيرو ٻيهر حڪومت کان زرعي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ۽ چيو ته وفاقي حڪومت کي صوبائي حڪومت سان گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مستحق متاثرين تائين صحيح امداد پهچائڻ جو ذريعو آهي.










