بلاول پاران تحريڪ انصاف جون معاشي ترقي واريون دعوائون رد

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت طرفان معاشي ترقي وارين دعوائن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.هن چيو ته حڪومت معاشي ترقي جون ڪوڙيون دعوائون ڪري عوام جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪي رهي آهي.  معاشي ترقي جون ڪوڙيون دعوائون ڪندڙن کي شرم اچڻ گهرجي. بلاول ڀٽو چيو ته جڏهن کان خيبرپختونخواهه(ڪي پي) ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت آئي آهي. صوبي ۾ غربت جي شرح 27 سيڪڙو تي پهچي چڪي آهي.پ پ چيئرمين چيو ته خيبرپختونخواهه(ڪي پي) ۾ تحريڪ انصاف جي دور ۾ غربت جي شرح 27 سيڪڙو ٿي وئي آهي. سنڌ ۾ پ پ جي حڪومت ۾ غربت واري شرح 7.6 سيڪڙو گهٽ ٿي. بلاول ڀٽو چيو ته سنڌ صوبي ۾ في ڪس آمدني به  سموري ملڪ ۾ سڀني کان وڌيڪ ٿي چڪي آهي. پينشن تي 10 سيڪڙو ٽيڪس وصول ڪرڻ واري عمران خان جي منصوبي کي رد ڪريون ٿا.هن چيو ته پيپلز پارٽي عمران خان جي عوام دشمن پاليسين جو هر فورم تي مقابلو ڪندي. عمران خان کي آزمائيندڙن عوام کي هڪ بدترين آزمائش ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ملڪ ۾ معاشي تباهي پکيڙيندڙ عمران خان جو ڪوبه سياسي مستقبل نه آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو