بحريه ڌرڻي ۾ بي گناه گرفتار ڪارڪنن کي آزاد ڪريو، بلاول

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري پاران اوچتو ڪراچي جو دورو ڪيو ويو آهي ۽ بحريه ڌرڻي دوران ڀڃ ڊاهه بعد بي گناه ماڻهن جي گرفتاري جو نوٽيس ورتو ويو آهي. پ پ چيئرمين وڏي وزير کي هدايت ڪئي آهي ته هر ڪيس کي چيڪ ڪيو ۽ يقيني بڻايو ته ڪو بي گناهه ماڻهو جيل ۾ نه هجي. هن چيو ته جيڪڏهن پرامن احتجاج ڪندڙن کي غلطيءَ سان گرفتار ڪيو ويو آهي ته انهن جي فوري آزاديءَ جو بندوبست ڪيو وڃي، جڏهن ته ڀڃ ڊاهه ۽ باهيون ڏيندڙن کي قانون موجب سزا ڏياري وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو