بلاول صاحب قاتلن ۽ ڪرمنلز جو ساٿ نه ڏيو، اُم رباب

بلاول صاحب قاتلن ۽ ڪرمنلز جو ساٿ نه ڏيو، اُم رباب

دادو(ن سنڌيار) دادو جي عدالت ۾ ام رباب چانڊيو جي پيءَ مختيار چانڊيو، ڏاڏي ڪرم الله ۽ چاچي ڪابل چانڊيو جي ٽرپل مرڊر ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ان سسلي ۾ سردار احمد چانڊيو ۽ برهان خان عدالت ۾پيش ٿيا، ايمرجنسي ڪم سبب سردار احمد چانڊيو عدالت جي اجازت سان واپس روانو ٿي ويو، ام رباب چانڊيو صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اڄ سنڌ بار جي سڏ تي وڪيلن جي هڙتال سبب ٻڌڻي ملتوي ٿي آهي، مان وڪيلن سان گڏ آهيان، پاڪستان، سنڌ بار کان مطالبو آهي ته مون کي انصاف ڏيارڻ لاءِ اڳتي اچن، هن چيو ته هيومن رائيٽس اسٽيڊنگ ڪاميٽي جي پي ٽي آءِ ميمبرن تحريڪ التويٰ جمع ڪرائي، ڪاميٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آهي ان کي منهنجي گهر ڀاتين جي قتل واقعي کي ٻڌڻو پوندو، ام رباب چيو آهي ته پي پي جي ٻن ايم پي ايز کي سرڪاري پناھ مليل آهي ۽ سنڌ حڪومت سندن مدد ڪري ٿي، اسان وٽ ان جا ثبوت موجود آهن، اُم رباب بلاول ڀٽو زرداري کي مخاطب ٿيندي چيو ته بلاول صاحب اوهان قاتلن ۽ ڪرمنل جو ساٿ نه ڏيو، سنڌ جو عوام ظالم سردارن ۽ جاگيردارن کان واقف آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو