لنڊن(م ڊ) ريلوي جي وفاقي وزير شيخ رشيد کي لنڊن ۾ منعقد ڪيل هڪ تقريب ۾ بلاول ڀٽو خلاف مبينه طور گٿا لفظ ڳالهائڻ تي پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن گندا انڊا هڻي سندس منهن سڄائي ڇڏيو. سندس ڪپڙا به خراب ٿي ويا ۽ هو اڌ مان هليو ويو. پيپلز پارٽي يوت آرگنائيزيشن جي يورپ بابت صدر آصف خان ۽ سميعه ناز چيو آهي ته هنن کيس انڊا هنيا ڇو ته هو بلا وجه اسنجي ليدر خلاف گٿا لفظ ڳالهائي پيو. پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ عوامي مسلم ليگ جي اڳواڻن ان واقعي جي مذمي ڪندي چيو آهي ته شيخ رشيد سان صلاح مشوري بعد قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي. منتظمين موجب شيخ رشيد سگار پيئڻ ٻاهر ويو ۽ ان وقت اڪيلو بيٺو هو ته مٿس انڊا اڇلايا ويا ۽ ملزم ڀڄي ويا. ياد رهي ته لنڊن ۾ شيخ رشيد موجود هوندي به ڪشميرين سان ظلم خلاف منعقد ڪيل مظاهري ۾ شريڪ نه ٿيو ۽ شاپنگ ڪندو رهيو، جنهن تي به مٿس تنقيد ڪئي پئي وڃي. هن جي ويجهن حلقن جو چوڻ آهي ته انٽيلي جنس رپورٽ بعد هن شرڪت نه ڪئي.










