بلاول جي ڳالهه جو غلط مطلب نه وٺو، نقصان وفاق کي ٿيندو

بلاول جي ڳالهه جو غلط مطلب نه وٺو، نقصان وفاق کي ٿيندو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صوبائي وزير بلديات سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته پريس ڪلب جي رهائشي منصوبا لاءِ ٽينڊر جاري ڪيا ويا آهن، ۽ سمورا ترقياتي ڪم پريس ڪلب جي نگراني ۾ مڪمل ڪيا ويندا۔ ايم ڊي اي ۾ 80-20 فارمولي جي به منظوري ڏني وئي آهي، جڏهن ته نون ميمبرن لاءِ پلاٽن جي قرعہ اندازي به هن مهيني ڪئي ويندي۔ ناصر حسين شاهه چيو ته سنڌ حڪومت چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي صحافين جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ سنجيده ڪوششون ڪري رهي آهي، جڏهن ته وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه پاڻ به هن معاملي ۾ خاص دلچسپي وٺي رهيا آهن۔ اهي خيالات هن ڪراچي پريس ڪلب جي دوري دوران مجلسِ عامله سان ملاقات ۽ بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ظاهر ڪيا۔ پريس ڪلب جي صدر فاضل جميلي، سيڪريٽري سهيل افضل خان، خزانچي عمران ايوب، جوائنٽ سيڪريٽري محمد منصف، ۽ گورننگ باڊي جا ميمبر عبدالحفيظ بلوچ، مونا صديقي، قافي احمد، قاضي محمد ياسر، محمد فاروق ۽ حماد حسين وزير بلديات جو استقبال ڪيو۔ ملاقات ۾ صحافين جي فلاح و بهبود، رهائشي اسڪيمون ۽ پريس ڪلب جي ترقياتي ضرورتن بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي۔ ناصر حسين شاهه چيو ته ڪراچي جي وڏين رستن سان گڏ اندروني رستا به ٺهندا، ۽ سعید غنی جا شروع ڪيل ڪم اڳتي وڌايا ويندا۔ صرف رستا نه پر سيوريج سسٽم کي به بهتر بڻايو ويندو۔ هن چيو ته هن سال سڀ کان وڌيڪ ترقياتي اسڪيمون مڪمل ٿيون آهن، ۽ سنڌ سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ بورڊ جي ڪارڪردگي کي بھتر بڻائڻ لاءِ ٽاسڪ ٽيم ٺاهي پئي وڃي۔ وزير بلديات چيو ته پاڻي ۽ بلڊنگ ڪنٽرول جا مسئلا به حل ڪيا پيا وڃن۔ خطرناڪ عمارتن ۾ رهندڙ ماڻهن لاءِ متبادل بندوبست ڪيو پيو وڃي۔ هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري پنجاب جي متاثر ماڻهن جي مدد بابت ڳالهه ڪئي هئي، جيڪا عوامي ڀلائي لاءِ هئي، پر ان کي غلط رنگ ڏنو پيو وڃي۔ بلاول ڀٽو زرداري همدردي ۽ سهڪار جي ڳالهه ڪئي، جيڪا ڪا منفي ڳالهه ناهي۔ ناصر حسين شاهه چيو ته سياست ۾ گرماگرمي نه هجڻ گهرجي، ڇو ته اختلافن جو نقصان وفاقي حڪومت کي ٿيندو۔ ملڪ وڏي مشڪل سان بهتر طرف وڃي رهيو آهي، جنهن ۾ فوجي قيادت، وزيراعظم ۽ صدر آصف علي زرداري جو اهم ڪردار آهي، جن ملڪ کي ڊي فالٽ مان ٻاهر ڪڍيو۔ هن چيو ته پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز عورت آهي ۽ مان هن جو احترام ڪريان ٿو۔ پيپلز پارٽي کي ڪنهن به ماڻهو کان ڪارڪردگيءَ جو سرٽيفڪيٽ وٺڻ جي ضرورت ناهي؛ اها عوامي ووٽن سان چونڊيل پارٽي آهي، ۽ سنڌ جي عوام ان سان مطمئن آهي۔ ناصر حسين شاهه چيو ته 2029ع جي عام چونڊن ۾ پيپلز پارٽي ملڪ ڀر مان ڪاميابي حاصل ڪندي، ۽ بلاول ڀٽو زرداري ايندڙ وزيراعظم هوندو۔ وزير بلديات چيو ته سنڌ حڪومت صحافين جي مسئلن کان بخوبي واقف آهي ۽ انهن جي حل لاءِ عملي قدم کنيا پيا وڃن۔ ڪراچي پريس ڪلب هڪ تاريخي ۽ نمائنده ادارو آهي، جيڪو جهموريت، اظهارِ راءِ جي آزادي ۽ عوامي مفاد لاءِ هميشه اڳيان رهيو آهي۔ ناصر حسين شاهه چيو ته پريس ڪلب جي زيرِ انتظام ترقياتي منصوبا نه صرف موجوده ميمبرن پر نون شامل ٿيندڙ صحافين لاءِ به فائدي مند ثابت ٿيندا۔ هن ٻڌايو ته سمورن منصوبن جون فائلون مڪمل ڪري لاڳاپيل کاتن ڏانهن موڪليون ويون آهن ۽ منظوريءَ جو عمل حتمي مرحلي ۾ آهي۔ پريس ڪلب جي صدر فاضل جميلي ۽ سيڪريٽري سهيل افضل خان وزير بلديات جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته حڪومت سنڌ طرفان صحافين جي بهبود لاءِ کنيل قدم خوش آئند آهن۔ ملاقات جي پڄاڻي تي وزير بلديات سيد ناصر حسين شاهه کي ڪراچي پريس ڪلب پاران سنڌ جي روايتي اجرڪ جو تحفو پيش ڪيو ويو۔

پهنجو تبصرو موڪليو