ڪراچي(ايڊيٽر ڊيسڪ)ايران جي نئين سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنائي جي ان اعلان، جنهن ۾ هن چيو ته عراق ۽ يمن جي گروپن به اسانکي خاطري ڪرائي آهي ۽ هو پنهنجو ڪم جلد شروع ڪندا، جي چند منٽن بعد عراق جي گادي واري شهر بغداد ۾ پاپولر موبلائيزيشن فورس يعني پي ايم ايف جي هيڊ ڪوارٽر تي حملو ٿيو آهي. فوري طور اها خبر ناهي ته حملو آمريڪا ڪيو آهي يا اسرائيل يا ان م ڪيترو نقصان ٿيو آهي. ياد رهي ته 2014 ۾ جڏهن داعش عراق تي قبضي جي ڪوشش ڪئي هئي ته آيت الله سيستاني جي اپيل تي هنن سان وڙهڻ لاءِ شيعه گروپ جي سربراهي ۾ مختلف ويڙهاڪ گروپ گڏ ٿيا هئا. جنکي بعد ۾ گڏ ڪري ’پي ايم ايف‘ جو نالو ڏنو ويو هو. هن گروپ کي بعد ۾ آمريڪا دهشتگرد گروهه قرار ڏنو هو پر عراقي پارليمان پنهنجي رياستي فوج جو حصو قرار ڏنو هو. هن گروپ جو مک اڳواڻ ابو مهدي المُهندس 2020 ۾ بغداد ايئرپورٽ لڳ قاسم سليماني سان گڏ آمريڪي حملي ۾مارجي ويو هو. هن وقت هي وڏو منظم گروپ آهي، هنن جو تعداد ڏيڍ کان 2 لک آهي، هنن وٽ ڊرونز، آرٽلري ۽ آرمرڊ وهيڪلز به آهن.










