ادارن کي بغاوت تي اڪسائڻ واري ڪيس ۾ خان جي ضمانت منظور

ادارن کي بغاوت تي اڪسائڻ واري ڪيس ۾ خان جي ضمانت منظور

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ادارن کي بغاوت تي اکسائڻ واري ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.عمران خان زمان پارڪ لاهور کان وڏي قافلي سميت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پهتو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ عمران خان جي پيشي جي موقعي تي سڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا، عمران خان جي آمد کان اڳ ئي عدالتي ڪمري کي خالي ڪرايو ويو ۽ بم ڊسپوزل اسڪواڊ طرفان عدالتي ڪمري کي ڪليئر ڪرايو ويو، جڏهن ته هاءِ ڪورٽ جي سڪيورٽي مانيٽرنگ به ڊرون ڪيمرائن ذريعي ڪيو ويو . فوجي اختيارين خلاف الزامن جي حوالي سان عمران خان خلاف بغاوت تي اکسائڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، مٿس مئجسٽريٽ جي فرياد تي رمنا ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.عمران خان جي لاهور هاءِ ڪورٽ مان حاصل ڪيل حفاظتي ضمانت 26 اپريل تي ختم ٿي وئي، جنهن تي هن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪيو. عمران خان جي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته سڪيورٽي جا سنگين خطرا آهن جنهن سبب هڪ ٻيو قاتلاڻو حملو ٿي سگهي ٿو، عدالت ٽرائل ڪورٽ بدران پاڻ ئي عبوري ضمانت ڏئي.پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل فيصل چوڌري درخواست تي دليل ڏنا، ٻڌڻي دوران عدالت عمران خان جي درخواست تي رجسٽرار آفيس جا اعتراض به رد ڪري ڇڏيا.عدالت عمران خان جي 3 مئي تائين عبوري ضمانت منظور ڪندي کيس هڪ لک رپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو