اسلام آباد (بيورو)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ غداري ڪيس ۾ شهباز گل جي گرفتاري کانپوءِ ضمانت واري درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس 5 سيپٽمبر تي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪندو.شهباز گل گرفتاري کانپوءِ ضمانت لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪيو، درخواست ۾ ايس ايڇ او ڪوهسار، سٽي مئجسٽريٽ غلام مرتضيٰ ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي، درخواستگذار اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جو چيف اسٽاف آفيسر آهي. 17 آگسٽ تي پمز جي سينيئر ڊاڪٽرن جي ميڊيڪل بورڊ جو معائنو ڪيو، ميڊيڪل بورڊ موجب درخواستگذار تي تشدد جا ثبوت مليا، عدالت کان استدعا ڪئي وئي ته گرفتاري بعد ضمانت منظور ڪئي وڃي.










