بشير ميمڻ فارغ واجد ضيا ايف آءِ اي جو نئون سربراهه مقرر

بشير ميمڻ فارغ واجد ضيا ايف آءِ اي جو نئون سربراهه مقرر

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) حڪومت ايف آءِ اي جي ڊائريڪٽر جنرل بشير ميمڻ کي هٽائي ڇڏيو آهي ۽ سندس جاءِ تي پناما ڪيس جي جاچ جي مک ڪردار واجد ضيا کي نئون ڊي جي مقرر ڪيو آهي. بشير ميمڻ جعلي بئنڪ اڪائونٽ ڪيس جو خالق آهي جنهن ۾ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جيل ۾ آهن. بشير ميمڻ سان موجوده حڪومت جا اختلاف نواز شريف کي سزا بعد نيب عدالت جي جج جي مبينه ويڊيو سامهون اچڻ ۽ ان جي جاچ ۾ هڪ پارٽي جي سياسي سخصيتن کي ملوث قرار ڏيڻ واري معاملي تان ڪجهه مهينا پهريون شروع ٿيا جنهن بعد کيس جبري رخصت تي موڪليو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو