پشاور (ويب ڊيسڪ)پشاور هاءِ ڪورٽ درج ٿيل ڪيسن ۾ بشرا بي بي کي 14 ڏينهن تائين گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ بشريٰ بي بي جي ضمانت ۽ ڪيسن جي تفصيلن جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي.جسٽس شڪيل احمد ۽ جسٽس صاحبزاده اسد الله درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.پشاور هاءِ ڪورٽ بشرا بي بي جي حفاظتي ضمانت منظور ڪندي کيس 14 ڏينهن تائين گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.عدالت نيب، ايف آءِ اي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کان ڪيسن جا تفصيل طلب ڪري ورتا.










