اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گهرواري بشرا بي بي نيب نوٽيس تي عدالت سان رابطو ڪري ورتو.اڳوڻي خاتون اول بشریٰ بي بي توشه خانه ڪيس ۾ نيب جي طلبي جو نوٽيس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيلنج ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ نيب کي به ڌر بڻايو ويو آهي.بشرا بي بي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته نيب کي حڪم ڏنو وڃي ته فيصلو اچڻ تائين منهنجي خلاف انڪوائري کان روڪيو وڃي ۽ نيب انڪوائري کي به درخواست تي فيصلو اچڻ تائين انڪوائري کي انڪوائري ۾ تبديل ڪرڻ کان روڪيو وڃي.بشرا بي بي عدالت کي 16 ۽ 17 فيبروري جا نوٽيس غير قانوني قرار ڏيڻ جي درخواست ڪئي آهي.
مشهور خبرون










