اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي احتساب عدالت 190 ملين پائونڊ اين سي اي اسڪينڊل جي ٻڌڻي ڪندي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گهرواري بشرا بي بي جي پي ٽي آءِ چيئرمين جي ضمانت واري درخواست غير موثر قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي.احتساب عدالت جي جج محمد بشير ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن دوران عمران خان جي گهرواري بشرا بي بي عدالتي ڪمري ۾ موجود هئي جڏهن ته عمران خان گاڏي ۾ موجود هو. ٻڌڻي دوران نيب جاچ آفيسر ميان عمر نديم ۽ بشرا بي بي جا وڪيل به عدالت ۾ پيش ٿيااحتساب عدالت جي جج محمد بشير بشرا بي بي جي وڪيل خواجا حارث کي چيو ته توهان کي 2 وڳي هاءِ ڪورٽ وڃڻو آهي. خواجا حارث چيو ته بشرا بي بي پنهنجي مڙس سان گڏ ايندي آهي ان لاءِ چيو هو. احتساب عدالت جي جج چيو ته خواجا حارث! ڪاوڙ تنهنجي منهن تي سٺي نٿي لڳي. نيب جي ڊپٽي پراسيڪيوٽر سردار مظفر چيو ته عمران خان 13 مئي تي بيان جاري ڪيو، هن نيب ۽ چيئرمين نيب خلاف غير اخلاقي ٻولي استعمال ڪئي، نيب طرفان سندس خلاف غلط پروپيگنڊا ڪئي وئي، عمران خان چيو ته نيب بشرا بي بي جا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، هي آهي. نيب کي دٻائڻ جي نيت خراب آهي، اسان نه ته ڇاپا هنيا، نه حملو ڪيو ۽ نه ئي بشرا بي بي جا وارنٽ جاري ڪيا ويا، اسان جي ڪنهن سان به ذاتي دشمني ناهي، اسان ڪڏهن به بشرا بي بي جا وارنٽ جاري نه ڪيا، بشرا بي بي کي جڏهن به جاچ لاءِ گهرايو ويو ته اسان سان تعاون ڪيو، عزت ۽ احترام جو مطالبو ڪيو. عورتن جي عزت ڪريو، اڃا تائين ڪو به نوٽيس جاري ناهي ڪيو، پر جيڪڏهن جاري ڪيو وڃي ته تعاون ڪريو. نيب جي جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته بشرا بي بي جا گرفتاري وارنٽ جاري نه ٿيا آهن، بشرا بي بي کي گرفتار ڪرڻ جي ڪا ضرورت ناهي. جاچ آفيسر جي بيان کانپوءِ عدالت بشرا بي بي جي ضمانت واري درخواست رد ڪندي کيس وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. جنهن کانپوءِ بشرا بي بي احتساب عدالت مان هلي وئي










