بسپ جا پروگرام مقامي اڳواڻن جي موجودگي ۾ ڪريو

بسپ جا پروگرام مقامي اڳواڻن جي موجودگي ۾ ڪريو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) صحت واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل ڪي پي ٽي اسڪول ڪياماڙي ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي پئسن جي ورهاست دوران ڀاڄ جي واقعي جو نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪئي آهي. وفاقي وزير ڊي جي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام امتياز شاهه کي هدايت ڪئي آهي ته ايندڙ پروگرام مقامي اڳواڻن جي موجودگي کانسواءِ نه ڪيو وڃي. هن کيس اها به هدايت ڪئي ته علائقي واسين کي اعتماد ۾ وٺي گهربل سهولتون ميسر ڪري پوءِ تقريب منعقد ڪئي وڃي. هن چيو ته زخمي ٿيل عورتن مان هڪ جي حالت نازڪ آهي باقي سڀ ٺيڪ آهن. هن چيو ته واقعي جي جيئن ئي خبر ملي ته اسين پنهنجا رضاڪار موڪليا جيئن زخمين کي اسپتال پهچايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو