بروهي ۽ لاشاري تڪرار جو نبيرو، مجموعي طور 30 لک ڏنڊ

بروهي ۽ لاشاري تڪرار جو نبيرو، مجموعي طور 30 لک ڏنڊ

شيخ ڀرڪيو (مظفر علي بروهي) بروهي ۽ لاشاري برادري جي تڪرار جو نبيرو، لاشاري برادري تي 30 لک ڏنڊ. لاشاري برادري جي ايوب لاشاري جو بروهي برادري جي حڪيم بروهي کي لڏائڻ تان 8 سالن کان تڪرار هلندڙ هو.نبيرو چڱن مڙسن حاجي خير محمد کوکر ۽ علي محمد ولهاري جي سرپئنچي هيٺ ولهاري هائوس تي ٿيو. بروهي برادري طرفان اصغر دين بروهي، سونا خان لنڊ،خرم يار محمد بروهي، عظيم بروهي امين ٿي ويٺا. لاشاري برادري طرفان وڏيرو محمد ٿيٻو، وڏيرو امير ٿيٻو ۽ٻيا امين ٿي ويٺا. ٻنهي ڌرين جي ڳالهين ٻڌڻ بعد لاشاري برادري جي ايوب لاشاري مٿان 30 لک ڏنڍ هنيو ويو. ايوب لاشاري ڏنڍ واري رقم حڪيم بروهي کي چئن مهينن ۾ ادا ڪندو. فيصلي بعد ڌريون کير کنڊ ٿي ويون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو