اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ آف پاڪستان برطرف ڪيل ملازمن جي بحالي جي درخواستن کي آئيني بينچ ڏانهن اماڻي ڇڏيو.جسٽس منصور علي شاهه جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.درخواستگذار جي وڪيل وسيم سجاد چيو ته پرامن زندگي هر شهري جو آئيني حق آهي. جسٽس منصور علي شاهه چيو ته ڪيس ۾ آئيني سوال آهي، 26هين آئيني ترميم ۾ چيو ويو آهي ته آئيني ڪيسن جي ٻڌڻي آئيني بينچ ڪندي.جسٽس عائشه ملڪ چيو ته هي ڪيس اهم آهي جنهن جي ٻڌڻي آئيني بينچ ئي ڪندي.جسٽس منصور علي شاهه چيو ته آئيني بينچ ٺاهيندي ۽ هو فيصلو ڪندا.










