لنڊن(ويب ڊيسڪ)برطانيه ۾ ڪورونا وائرس سان لاڳاپيل هر قسم جون پابنديون ختم ڪيون ويون آهن. بي بي سي موجب برطانوي حڪومت ان ڏس ۾ باضابطه اعلان ڪري ڇڏيو آهي، برطانيا ايندڙ مسافرن جي نيگيٽو ڪووڊ ٽيسٽ جو شرط به ختم ڪيو ويو آهي. ان کان علاوه لوڪيٽر فارم جا شرط ۽ مسافرن لاءِ ويڪسينيشن جي پابندي به ختم ڪئي وئي آهي. رپورٽ مطابق پابنديون هٽائڻ جو عمل 18 مارچ تي شام 4 وڳي کان لاڳو ٿيندو.










