لنڊن(ويب ڊيسڪ)اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي قيد ۽ سندس صحت جي خراب ٿيندڙ حالت بابت رپورٽن تي اڱاري ڏينهن برطانيا جي پارليمان ۾ لڳاتار جاچ پڙتال ڪئي وئي.
ڊان اخبار ۾ شايع ٿيل خبر موجب مختلف سياسي پارٽين سان واسطو رکندڙ لارڊز ليبر حڪومت تي زور ڀريو ته اسلام آباد سان سفارتي لاڳاپا وڌيڪ تيز ڪيا وڃن ۽ امداد ۽ واپار کي انساني حقن جي معيارن سان ڳنڍڻ تي غور ڪيو وڃي.
هي معاملو زباني سوالن دوران ليبر پارٽي جي اليگزينڊر آف ڪليوڊن طرفان اٿاريو ويو، جنهن پاڪستان جي حڪومت سان عمران خان جي قيد بابت ٿيندڙ ڳالهين متعلق پڇا ڪئي.
پرڏيهي کاتي جي نمائندگي ڪندي وزيرِ مملڪت بيرونيس چيپمين آف ڊارلنگٽن چيو ته جڏهن ته پاڪستان جا عدالتي عملدارن جو معاملو پاڪستان جو پنهنجو اختيار آهي، پر برطانيا بنيادي حقن بابت پنهنجون ڳڻتيون لڳاتار ظاهر ڪندو رهيو آهي.
هن چيو ته پاڪستاني اختيارين کي بنيادي آزادين جو احترام ڪرڻ گهرجي، جن ۾ منصفاڻي مقدمي جو حق، قانوني طريقيڪار، انساني سلوڪ سان قيد ۽ مناسب طبي علاج تائين رسائي شامل آهن.
هن وڌيڪ چيو ته اهو اصول عمران خان تي به لاڳو ٿئي ٿو جيئن ٻين سڀني پاڪستاني شهرين تي لاڳو ٿئي ٿو.
وزير وڌيڪ ٻڌايو ته برطانوي وزيرن ۽ عملدارن پنهنجن پاڪستاني هم منصبن سان پاڪستان جي آئين ۽ عالمي انساني حقن جي ذميوارين جي پاسداري بابت باقاعدي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، جنهن ۾ عمران خان جو معاملو به شامل آهي.
خاندان تائين رسائي ۽ طبي خدشا
ڪيترن ئي لارڊز انهن رپورٽن جو ذڪر ڪيو جن موجب عمران خان کي وڪيلن، گهرڀاتين ۽ ڊاڪٽرن سان ملڻ کان روڪيو ويو آهي ۽ کيس اڪيلائي واري قيد ۾ رکيو ويو آهي.
قدامت پسند پارٽي جي لارڊ زيڪ گولڊسمٿ — جيڪو عمران خان جو اڳوڻو سالو به رهيو آهي — هن صورتحال کي “بين الاقوامي شرمندگي” قرار ڏنو. بحث دوران هن چيو ته عمران خان کي وڪيلن، پنهنجي ٻن پٽن سميت خاندان ۽ ڊاڪٽرن تائين رسائي نه ڏني وئي آهي ۽ سندس صحت تيزي سان خراب ٿي رهي آهي.
گولڊسمٿ سوال ڪيو ته ڇا برطانيا کي پاڪستان لاءِ پنهنجي امدادي حصي تي ٻيهر نظرثاني ڪرڻ گهرجي، ياد ڏياريندي ته پاڪستان گهڻو وقت برطانوي امداد حاصل ڪندڙ اهم ملڪن ۾ شامل رهيو آهي. هن تجويز ڏني ته امداد کي دولتِ مشترڪه جي منشور، عدليه جي آزادي ۽ قانون جي حڪمراني سان مشروط ڪيو وڃي.
جواب ۾ وزير چيو ته برطانيا جو مستقل مؤقف آهي ته سڀني قيدين کي علاج ۽ خانداني ملاقاتن تائين رسائي ملڻ گهرجي ۽ اهو پيغام اسلام آباد تائين پهچايو ويندو رهيو آهي.
ترقياتي خرچن بابت هن ٻڌايو ته برطانيا اڳ ئي پنهنجي امدادي بجيٽ ۾ 40 سيڪڙو گهٽتائي ڪري چڪو آهي ۽ جلد ئي ملڪن لاءِ مختص رقم بابت وڌيڪ اعلان ڪيا ويندا.
ٻين ڪيسن سان ڀيٽ
بحث دوران ٻين اهم ڪيسن سان ڀيٽ به ڪئي وئي. وزير، جمي لائي Jimmy Lai جي ڪيس ۽ عمران خان جي معاملي ۾ فرق بيان ڪندي چيو ته لائي برطانوي شهري آهي، جنهن سبب برطانيا تي قونصلر ذميواريون لاڳو ٿين ٿيون، جيڪي غير ملڪي شهرين لاءِ ساڳي نموني لاڳو نٿيون ٿين.
ليبر پارٽي جي لارڊ سڪا چيو ته جڏهن اهڙا ملڪ، جيڪي برطانيا جا واپاري ۽ دفاعي ڀائيوار سمجهيا وڃن ٿا، آمرانه قدم کڻن ٿا ته تن تي نرم تنقيد ڪئي وڃي ٿي.
هن تجويز ڏني ته حڪومت وٽ ملڪ جي فوجي قيادت تي دٻاءُ وجهڻ جا ذريعا موجود آهن ۽ امداد بند ڪرڻ ۽ واپاري پابنديون لڳائڻ تي غور ڪيو وڃي. هن پڇيو ته چين، ايران، روس ۽ اتر ڪوريا جهڙن ملڪن بابت پاليسي جي مقابلي ۾ اهڙن معاملن ۾ ڪهڙو اخلاقي اصول رهنمائي ڪري ٿو.
وزير چيپمين جواب ڏنو ته پاڪستان لاءِ سموري امداد ختم ڪرڻ درست نه هوندو، ڇاڪاڻ ته برطانوي امداد حقيقي ضرورتن کي پورو ڪري ٿي ۽ آبهوا ۽ دهشتگردي خلاف سهڪار جهڙن معاملن ۾ برطانيا جي مفادن جي به حمايت ڪري ٿي.
ڪراس بينچر لارڊ شفاق محمد اڳوڻي وزيراعظمنواز شريف جو حوالو ڏنو، جنهن کي 2019ع ۾ سزا دوران طبي علاج لاءِ لنڊن وڃڻ جي اجازت ڏني وئي هئي. هن پڇيو ته جيڪڏهن عمران خان طبي علاج لاءِ برطانيا وڃڻ جي اجازت گهري ته حڪومت جو ردعمل ڇا هوندو. وزير چيو ته اهڙي ڪا به درخواست گهرو کاتي ۽ اميگريشن اختيارين جي دائري ۾ ايندي.
قدامت پسند لارڊ احمد آف ومبلڊن پڇيو ته ڇا حڪومت عمران خان جي پٽن کي پنهنجي والد سان علاج دوران ملاقات جي سهولت فراهم ڪري سگهي ٿي. وزير چيو ته اصولي طور تي علاج هيٺ قيدين کي خانداني رسائي ملڻ گهرجي، پر اميگريشن ۽ جيل تائين رسائي بابت فيصلا آخرڪار پاڪستاني اختيارين جو اختيار آهن.
فوجي عدالتون ۽ واپاري لاڳاپا
پاڪستان جي جمهوري سفر ۽ فوج جي ڪردار بابت ڳڻتيون به نمايان رهيون.
لبرل ڊيموڪريٽ پارٽي جي لارڊ پروس آف ٽوئيڊ چيو ته ڪيترن ئي مخالف اڳواڻن کي احتجاجن کانپوءِ مقدما هلائي سزائون ڏنيون ويون آهن ۽ پاڪستاني معيشت تي فوج جي اثر بابت اهم خدشا موجود آهن. هن پڇيو ته ڇا انساني حقن کي برطانيا ۽ پاڪستان جي واپاري ڳالهين ۾ واضح طور شامل ڪيو ويندو.
چيپمين، فوجي عدالتن جي ڪم ۽ شفافيت بابت “حقيقي خدشن” کي تسليم ڪندي چيو ته انساني حق برطانيا جي واپاري لاڳاپن جو اهم حصو آهن.
هن ٻيهر چيو ته پاڪستان لاءِ سموري امداد ختم ڪرڻ مناسب نه هوندو، ڇو ته ضرورت به موجود آهي ۽ دهشتگردي خلاف سهڪار برطانيا جي قومي مفاد ۾ آهي.
جمهوريت ۽ چونڊون
بحث جي پڄاڻي تي پاڪستان جي سياسي مستقبل بابت خيالن جو اظهار ڪيو ويو.
قدامت پسند لارڊ هينن آف ڪنگسڪلير چيو ته ڪا به برطانوي حڪومت پاڪستان ۾ ٿيندڙ سرگرمين کان لاتعلق نٿي رهي سگهي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان دولتِ مشترڪه جو ميمبر ملڪ آهي ۽ برطانيا ۾ پاڪستاني نسل جا لڳ ڀڳ 15 لک ماڻهو رهن ٿا.
هن چيو ته جمهوري قدرن جي بحالي کانسواءِ پاڪستان لاءِ استحڪام حاصل ڪرڻ ۽ سيڙپڪاري آڻڻ ڏکيو ٿيندو.
وزير چيو ته برطانيا پاڪستان جي 2024ع جي چونڊن بابت خدشا ظاهر ڪيا آهن ۽ شامل سياسي عمل ۽ قانون جي حڪمراني بابت اسلام آباد سان ڳالهه ٻولهه جاري رکندو، جڏهن ته واپاري ۽ ترقياتي لاڳاپا به برقرار رکيا ويندا.
هن چيو ته دنيا ۾ ڪيترائي اهڙا ملڪ آهن جتي قانون جي حڪمراني ۽ جمهوريت بابت خدشا موجود آهن، تنهن هوندي به برطانيا انهن سان ويجها لاڳاپا برقرار رکي ٿو، ڇاڪاڻ ته پرڏيهي لاڳاپا رڳو انهن ملڪن تائين محدود ناهن جيڪي برطانيا جي حڪمراني واري نموني سان مڪمل طور مشابهت رکن ٿا.










