برطانوي وزيراعظم قانون جي ڀڃڪڙي تي پارليامينٽ ۾ معافي گهري ورتي

برطانوي وزيراعظم قانون جي ڀڃڪڙي تي پارليامينٽ ۾ معافي گهري ورتي

لنڊن(ويب ڊيسڪ)برطانوي وزيراعظم بورس جانسن ۽ چانسلر رشي سونڪ تي تازو ڪورونا وبا دوران سرڪاري رهائشگاهن تي پارٽيون منعقد ڪرڻ تي ڏنڊ لڳايو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب ڏنڊ لڳڻ کانپوءِ وزيراعظم بورس جانسن پارليامينٽ ۾ پنهنجي پهرين بيان ۾ چيو ته کيس خبر ناهي ته هو سالگرهه جي پارٽي ۾ ڪيئن پهتو، سندس خيال آهي ته اها ميٽنگ آهي ضابطي جي حوالي سان. رپورٽن مطابق بورس جانسن لاڪ ڊائون دوران قانون ٽوڙڻ تي پارليامينٽ ۾ معافي گهري ۽ چيو ته اندازو آهي ته عوام کي وزيراعظم کان بهتر رويي جي اميد آهي جڏهن ته پوليس جي جاچ جي نتيجن جو احترام ڪندس. ميڊيا رپورٽن موجب بورس جانسن ان کان اڳ اصرار ڪيو هو ته هن ڪنهن به قانون جي ڀڃڪڙي ناهي ڪئي. ٻئي طرف مزدور اڳواڻ سر ڪيئر اسٽارمر بورس جانسن جي بيان کي مذاق قرار ڏيندي چيو آهي ته عوام پنهنجو ذهن ٺاهي چڪو آهي، هو برطانوي وزيراعظم جي ڳالهين تي يقين نه ٿا ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو