برسات ۽ ٻوڏ متاثرن جي مالي سھائتا لاءِ مستحقن ۾ نقد رقم تقسيم

برسات ۽ ٻوڏ متاثرن جي مالي سھائتا لاءِ مستحقن ۾ نقد رقم تقسيم

دڙو (ن س) ٻنون ۾ جمعيت علماء اسلام طرفان برسات ۽ ٻوڏ متاثرن جي مالي سھائتا لاء مستحقن ۾ نقد رقم تقسيم، جي يو آئي ضلعي سجاول جي ضلعي ڪائونسلر نثار احمد سومرو جي اڳواڻي ۾ ڪراچي کان آيل جمعيت جي صاحب حيثيت رکندڙ مولانا محمد طعيب، محمد ادريس، رئيس احمد، مولانا طفيل احمد کٽي، حاجي محمد ھارون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٻنون جي ڳوٺ حاجي سومرو جي مدرسي ۾ 75 مستحق ماڻھن ۾ نقد رقم تقسيم ڪئي وئي، جڏھن تہ ٻنون ۽ ڀرپاسي جي مختلف مستحق ماڻھن کي رقم جا لفافا ڏنا ويا، ان موقعي تي جي يو آئي جي اڳواڻن مولانا محمد طعيب، نثار احمد سومرو، مولانا طفيل احمد کٽي ۽ ٻين پريس ڪلب دِڙو جي ٽيم سان ڳالھائيندي چيو تہ جي يو آئي پنھنجي غريب ۽ برسات توڙي ٻوڏ ستايل ماڻھن کي ڪڏھن بہ اڪيلو نہ ڇڏيو آھي، پنھنجي وس آھر انھن جي مالي سھائتا ڪري رھيا آھيون، انشاﷲ مستحق ماڻھن جي خدمت جاري رھندي،

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو