ڪراچي(ن سنڌيار)ڪراچي جي ڪمشنرمحمد اقبال ميمڻ چيو آھي ته برسات متاثرن جي واھر ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏبي ڪياماڙي ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر مخيار علي ابڙو سان گڏ دائود واڇاڻي ڳوٺ ۾ برسات متاثر ڪيمپ جو دورو ڪري متاثرن سان ملاقاتون ڪيون ۽ ھر ممڪن سھڪار جي خاطري ڪرائي ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي ڪراچي جي ڪمشنر محمد اقبال ميمڻ چيو ته برسات سبب متاثر ماڻھن جي مالي سھائتا ڪئي پئي وڃي ھن چيو ته ڪراچي جي ڪياماڙي۔اوڀر ۔اولھ۔ملير ۽ ڪورنگي ضلعن ۾ ڪيمپون قائم ڪيون ويون آھن جٿي متاثرن کي کاڌ خوراڪ سان گڏ رھائش پڻ ڏني وئي آھي ڊپٽي ڪمشنر مختيار علي ابڙي چيو ته متاثرن جي ڪيمپن ۾ کاڌ خوراڪ سان گڏ ميڊيڪل جون ڪيمپون قائم ڪيون ويون آھن ڪمشنر محمد اقبال ميمڻ جي ھدايتن تي بيمار متاثرن جي اعلاج لاء اسپتال انتظاميه کي پابند ڪيو ويو آھي ته جيئن متاثرن کي اعلاج جون سھولتون فرھام ٿي سگھن










