برسات متاثرن جي مدد لاءِ مخير ماڻهو اڳيان اچن: شازيه مري

برسات متاثرن جي مدد لاءِ مخير ماڻهو اڳيان اچن: شازيه مري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سڌ سماءَ واري وفاقي وزير شازيه مري چيو آهي ته حڪومت جي ڪوشش آهي ته هر ٻوڏ متاثر ماڻهوءَ تائين پهچي، مخير حضرات اڳتي اچن ۽ انهن جي مدد ڪن.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شازيه مري چيو ته سنڌ جا ڪيترائي ضلعا به وڌيڪ برساتن سبب متاثر ٿيا آهن، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ برساتن سبب 650 کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا آهن، برساتن سبب 650 کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا آهن، جنهن لاءِ هڪ پيڪيج ڏنو ويو آهي. متاثرن لاءِ اعلان ڪيو.شازيه مري چيو ته برساتن جي نگراني لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي، بينظير انڪم پروگرام تحت 25 هزار رپيا ڏنا ويندا، 15 لک خاندانن کي 25، 25 هزار رپيا ڏنا پيا وڃن، متاثر علائقن ۾ ڊي سي آفيسون پهچي نقصانن جو جائزو وٺنديون. سروي ڪندي اين ڊي ايم اي ضلعن مان ڊيٽا وٺي انڪم سپورٽ پروگرام جي حوالي ڪندي، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت 34 ملين ماڻهو رجسٽرڊ آهن.وفاقي وزير چيو ته عمران نيازي پاڻ هڪ سازش آهي، هن وقت ملڪ ۾ مسئلو آهي، برساتن کان ماڻهو متاثر ٿين ٿا، اهڙي وقت ۾ عمران خان پنهنجي ادارن جي تذليل ڪري رهيو آهي، ڪنهن به مدد نه ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو