برسات سبب سنڌو درياءَ ۾ چاڙهه، ننڍي ٻوڏ جو اعلان

برسات سبب سنڌو درياءَ ۾ چاڙهه، ننڍي ٻوڏ جو اعلان

سکر(بيورو رپورٽ)ملڪ ۾ جاري برساتن سبب سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي سطع ۾ تيزي سان اضافو ٿيڻ لڳو آهي.گڊو ۽ سکر بيراج تي آبپاشي کاتي طرفان ننڍي ٻوڏ ڊڪليئر ڪئي وئي آهي. گذريل چوويهه ڪلاڪ دوران  سکر بيراج وٽ 32 ھزار775 ڪيوسڪ  پاڻي جو وهڪرو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. جڏهن ته گڊو بيراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 2 لک 35ھزار 255 ڪيوسڪس ۽ ھيٺياهون وهڪرو 2 لک  28ھزار 253 ڪيوسڪس رڪارڊ ڪيو ويو آهي. سکر بيراج وٽ مٿانهون وهڪرو 2 لک 14 ھزار 340 ڪيوسڪس ۽ ھيٺاهون وهڪرو 2 لک 8 ھزار 880 ڪيوسڪس رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو