ڪلوئي (رپورٽ غلام مصطفي نهڙيو) ٿرپارڪر جي بئراجي علائقن تعلقي ڪلوئي يوسي ڀٽارو يوسي ڦانٽ ڊوڍارو يوسي ڪلوئي کاڙڪ سميت مختلف علائقن ۾ مسلسل تيز طوفاني برساتن سبب وڏي تباهي ٿي آھي ڪيترئي ڪچا گهر ڪري پيا آھن.

هزارين ماڻھو بي گهر ٿي پنهنجي مدد پاڻ تحت مال متاء ڪاهي ٿر جي ڀٽن ۾ عارضي جهوپڙاقائم ڪري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويا آھن ضلعي انتظاميه طرفان هيستائين ڪوبه جوڳو بندوبست نه ڪيو ويو آھي هزارين ايڪڙن تي بيٺل فصل مرچ ڦٽيون ٽماٽو ۽ گدري جو فصل مڪمل ٻڏي سڙي ويو آھي.

جنهن سبب آبادگارن کي ڪروڙين روپين جو نقصان ٿيو آھي بجلي جا پول ڪرڻ سبب ٽن ڏينهن کان بجلي جو نظام درهم برهم ٿي ويو مواسلاتي نظام به بري طرح متاثر ٿيو آھي ڳوٺن کان شھرن تائين ملائيندڙ روڊ ھنڌان هنڌان اکڙي ويا آهن.

جنهن سبب عام زندگي جو ڪاروهنوار ٺپ ٿي ويو آھي پورو بئراجي علائقو سمنڊ جوڏيک ڏيئي رهيو آھي جڏهن ته ضلعي انتظاميه ۽ سنڌ سرڪار طرفان ڪو به جوڳو بندوبست نه ڪيو ويو هتي جي سڄاڻ ڌرين ۽ آبادگارن فورن تدارڪ جو مطالبو ڪيو آھي.










