برساتي ۽ سم نالن جي گھارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو،بيماريون پکڙڻ جو خدشو

برساتي ۽ سم نالن جي گھارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو،بيماريون پکڙڻ جو خدشو

ٽنڊوباگو(ن س) تعلقي ٽنڊي باگي جي سوين ڳوٺن مان برساتي ۽ سم نالن جي گھارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ڪري ھزارين رھواسي گيسٽرو، مليريا ۽ چمڙي جي بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن ۽ انتظاميا طرفان تعلقي ٽنڊوباگو جي ھڪ به ڳوٺ ۾ مليريا جو اسپري نه ڪرايو ويو آهي. رپورٽ موجب ٽنڊوباگو تعلقي جي سوين ڳوٺن ۾ برساتي ۽ سم نالن جي گھارن جو پاڻي نيڪال نه ڪرائڻ ڪري هزارين ماڻهو گيسٽرو، ڊائريا ۽ مليريا سميت ٻين بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. روز سون جي تعداد ۾ گيسٽرو، ڊائريا ۽ مليريا جا مريض تعلقي جي مختلف سرڪاري اسپتالن ۽ پرائيويٽ اسپتالن ۾ پهچي رهيا آهن. جڏهن ته سرڪاري انتظاميا پاران برساتي پاڻي نيڪال نه ڪرائڻ ڪري سوين ڳوٺن جا ماڻهو ڏيڍ مهيني کان وٺي روڊن رستن ۽ ڀڏن تي کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن. جن جي پڻ سرڪار پاران ڪا به واهر نه ڪئي وئي آهي. هتان جي چونڊيل نمائندن به ٻوڏ متاثر ماڻهن جي ڪابه سار سنڀال نه لڌي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو