ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي بجلي کان پوءِ گيس جي اگهن ۾ به 50 فيصد اضافي جي خبرن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ان فيصلي کي عوام دشمن قدم ۽ بي حس حڪومت پاران ماڻهن جي وات مان آخري گرهه به کسڻ برابر قرار ڏيندي چيو آهي ته پي ڊي ايم حڪومت آءِ ايم ايف جي غلامي ۾ ايتريقدر انڌي ٿي چڪي اهي جو ان قسم جا ظالماڻا قدم کڻي عوام کان جيئڻ جو حق به کسڻ چاهي ٿي جيڪا ڳالهه عوامي ۽ جهموريت جي دعويدار حڪمرانن جي منهن تي چماٽ آهي. اٽو160، کنڊ150 ۽ چانورن سميت روزاني واهپي وارين شين جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون آهن، پي ڊي ايم حڪومت جي 16 مهينن جي ڪارڪردگي مان اها ڳالهه ثابت ٿي چڪي آهي ته مهانگائي، بيروزگاري جو خاتمو ۽ عوام کي رليف ڏيڻ نه بلڪه هي اقتدار جي ورهاست ۽ قومي خزاني مان لٽيل دولت کي تحفظ ڏيڻ توڙي پنهنجا ڪيس ختم ڪرائڻ هنن جي ايجنڊا آهي. جماعت اسلامي ايندڙ عام چونڊن ۾ چورن لاءِ ميدان خالي ڪونه ڇڏيندي، اسلامي جمعيت طلبه جا نوجوان تعليم جي ميدان ۾ اڳتي اچي قوم ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاڙڪاڻي ۾ اسلامي جميعت طلبه جي ڊويزنل تربيت گاه ۽ جماعت اسلامي جي ضلعي اڳواڻن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي صوبائي جنرل سيڪريٽري ڪاشف سعيد شيخ، ضلعي امير قاري ابوزبير جکرو سميت ٻيا مقامي اڳواڻ پڻ موجود هئا. صوبائي امير وڌيڪ چيو ته انتخابي اصلاحات ۽ آدمشماري تي خدشن باوجود جماعت اسلامي ملڪ ۾ آئين موجب بروقت چونڊون چاهي ٿي حڪومت ۽ اسٽيبلشمنٽ مختلف حيلن سان چونڊن ۾ دير ڪري عوام جي صبر جو وڌيڪ امتحان نه وٺن. هوڏانهن صوبائي امير سکر ۾ گهر جي ڇِتَ ڪرڻ سبب هڪ ئي خاندان جي 05 ڀاتين جي فوت ٿيڻ واري واقعي ۽ سانوڻي جي تازن برساتن ۾ مختلف علائقن ۾ قيمتي انساني جانين ۽ ملڪيتن جي نقصان تي دلي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي ڏکايل خاندانن سان همدردي ۽ حڪومت کان متاثرين لاءِ مالي سهائتا ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.#










