ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اوقاف، مذهبي معاملن، زڪوات ۽ عشر واري وزير سيد رياض حسين شاهه شيرازي صوبي ۾ تازين برساتن کي نظر ۾ رکندي سمورين مزارن ۽ درگاهن تي زائرين جي جان ۽ مال جي تحفّظ، سيڪيورٽي نظام جي فعاليت ۽ سرڪاري ملڪيتن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ جامع حفاظتي قدمن جون ھدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. صوبائي وزير سيڪريٽري اوقاف اختر حسين بگٽي کي ھدايت ڪئي ته سمورين مزارن ۽ درگاهن تي لڳايل واڪ ٿرو گيٽس, سي سي ٽي وي ڪئميرائون, بجلي جو سامان , جنيڪٽر, ڪنٽرول پينلز ۽ ٻيو اليڪٽرانڪ سامان انھن سڀني کي برسات ۽ نَمي جي امڪاني اثرن کان محفوظ رکڻ لاءِ ترت ۽ اثرائتا قدم کنيا وڃن، ته جيئن سيڪيورٽي نظام بغير ڪنهن رڪاوٽ جي فعال رهي ۽ زائرين کي ڪنهن به تڪليف کي منهن نه ڏيڻو پوي. اوقاف کاتي واري صوبائي وزير ۽ سيڪريٽري اوقاف جي ھدايتن تي عمل ڪندي چيف ايڊمنسٽريٽر اوقاف حيدرآباد مختيار علي ابڙو پاران ايڊمنسٽريٽرس اوقاف، مختلف مزارن ۽ درگاهن جي مئنيجرز، عملدارن ۽ لاڳاپيل عملي کي خاص حڪمنامو جاري ڪيو ويو آهي. انھن حڪمن تحت واڪ ٿرو گيٽس، اليڪٽرانڪ سامان ۽ ٻين حساس تنصيبات جي مسلسل نگراني، وقت سر مرمت، حفاظتي ڪور، تڪنيڪل چڪاس ۽ موثر سار سنڀال کي يقيني بڻايو ويندو. چيف ايڊمنسٽريٽر اوقاف حيدرآباد پنهنجي حڪمنامي ۾ واضح ڪيو آهي ته ڪنهن به تڪنيڪل خرابي، برقي مسئلي يا هنگامي صورتحال کي جلد اطلاع کاتي کي ڏنو وڃي ته جيئن وقت تي ڪارروائي ڪندي حفاظتي انتظامن کي هر صورت ۾ برقرار رکي سگهجي. سيد رياض حسين شاهه شيرازي چيو ته زائرين جي حفاظت حڪومتِ سنڌ ۽ اوقاف کاتي جي پهرين ترجيح آهي. هن تمام لاڳاپيل عملدارن کي ھدايت ڪئي ته برساتن دوران مڪمل الرٽ رهن، هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ انتظام برقرار رکن ۽ هر مزار تي حفاظتي قدمن جي موثر نگراني يقيني بڻائن ته جيئن زائرين کي محفوظ، منظم ۽ سهولتن سان آراسته ماحول فراهم ڪري سگهجي.










