ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي چيو آھي تہ سنڌ ۾ چوماسي جي برسات سبب ٿيندڙ جاني توڙي مالي تباھي گذريل 15 سالن کا سنڌ تي برسراقتدار پيپلزپارٽي حڪومت جي پت وائکي ڪري ڇڏي آھي . حڪومتي نااھلي ، انتظامي غفلت ۽ ڪرپشن جي ڪري ڪراچيءَ کان ڪشمور سنڌ جا شھر روڊ رستا ۽ چوراھا منڇر ڍنڍ جو ڏيک ڏيئي رھيا آھن معمولي جي زندگي سخت متاثر جڏھن تہ سنڌ جي بيراجن ۾ پاڻيءَ جي چاڙهه بي سان وڌي رھي آھي جيڪا سنڌ واسين لاءِ ڳڻتي جوڳي ڳالھ آھي . ھن اڄ ھڪ بيان ۾ وڌيڪ چيو تہ گذريل ٻوڏ ۾ حڪومت ڪرپشن کان سواءِ ڪجه بہ ناھي ڪيو اڄ بہ ٻوڏ متاثر واھر لاءِ واجهائي رھيا آھن . برسات اللہ جي رحمت ھوندي آھي پر حڪمرانن جي ڪرپشن ۽ انتظامي غفلت سبب اھا عوام لاءِ زحمت بڻجي ويندي آھي ھاڻي بہ چيو پيو وڃي تہ برسات جو اھو سلسلو 31 جولائي کان6 آگست تائين اڃان جاري رھندو . سنڌ سرڪار ماضي مان سبق سکڻ بدران قدرتي آفت کي ڦرمار جوذريعو ۽ پاڻي جڏھن سر تي چڙھندو تہ پوءِ اکيون کوليندي . اڳم ئي سنڌ ۽ سنڌ جو عوام گذريل سال ايندڙ ٻوڏ جي تباھين سبب معاشي طو ڪيترائي سال پوئتي ھليو ويو آھي . عوام در بدر گهر مال ملڪيتون تباھ ٿي ويون پر حڪمرانن جي مٿي تي جونءَ بہ نہ تي چُري، جماعت اسلامي جي امير گهر ڪئي تہ برساتي پاڻي جي نيڪالي لاءِ جنگي بنيادي تي اثرائتا قدم کڻي عوام کي اذيت ناڪ صورتحال کان نجات ڏياري وڃي.جڏھن تہ برسات جي اڳئين سلسلي لاءِ اڳواٽ رٿائيدي ڪري عوام کي وڌيڪ نقصان کان بچايو وڃي.










