برازيلي ڳائڻو اسٽيج تي ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت

برازيلي ڳائڻو اسٽيج تي ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت

لنڊن (ويب ڊيسڪ)برازيل جي ڳائڻي آئرس ساساڪي لائيو پرفارمنس دوران ڪرنٽ لڳي وئي.پرڏيهي ميڊيا موجب 35 ورهين جي ڳائڻي اسٽيج تي رکيل ويٽ فين کي ڇهيو، جنهن سبب کيس 13 جولاءِ تي لائيو پرفارمنس دوران بجلي جو زوردار جھٽڪو لڳو.مقامي پوليس موجب اسٽيج تي ويٽ فين جي موجودگي جو سبب اڃا تائين سامهون نه اچي سگهيو آهي، اکين ڏٺن شاهدن جا بيان قلمبند ڪيا پيا وڃن ۽ واقعي جون رپورٽون پڻ ورتيون پيون وڃن.پوليس موجب ڪيس جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي جڏهن ته هوٽل انتظاميا به جاچ ۾ سهڪار ڪري رهي آهي.ميڊيا رپورٽن موجب ڳائڻي 11 مهينا اڳ شادي ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو