برازيلي ماڊل سان ڇيڙ ڇاڙ ڪندڙ ڇوڪرو گرفتار

برازيلي ماڊل سان ڇيڙ ڇاڙ ڪندڙ ڇوڪرو گرفتار

بنگلور(ويب ڊيسڪ)ڀارت ۾ هڪ برازيل جي عورت ماڊل کي جنسي طور تنگ ڪرڻ جو واقعو پيش آيو آهي. ڀارتي ميڊيا جي مطابق هي واقعو 17 آڪٽوبر تي رياست ڪرناٽڪا جي شهر بنگلور ۾ پيش آيو، جتي هڪ برازيلين ماڊل هوٽل ۾ ترسيل هئي. اتي هن کي هڪ پارسل پهچائڻ لاءِ آيل ڊيليوري ايجنٽ طرفان جنسي طور پريشان ڪيو. رپورٽ موجب، پوليس کي ڏنل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته عورت ماڊل هڪ آن لائن ايپ ذريعي کاڌو آرڊر ڪيو هو، جيڪو پهچائڻ لاءِ آيل ڇوڪرو ماڊل عورت کي نامناسب طريقي سان ڇهڻ شروع ڪيو ۽ بدتميزي ڪئي. ڀارتي ميڊيا موجب، ڊپٽي ڪمشنر پوليس واقعي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته ملزم ڪمار رائو ڪاليج جو شاگرد آهي ۽ پارٽ ٽائيم ڊيليوري ايجنٽ طور ڪم ڪندو آهي. پوليس موجب، شڪايت داخل ٿيڻ بعد نوجوان کي ساڳئي ڏينهن گرفتار ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو