اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پهرين جولاءِ کان شروع ٿيندڙ ايندڙ مالي سال 2026-27 دوران پاڪستان جي برآمدات ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچڻ جو امڪان آهي.
آءِ ايم ايف ايندڙ مالي سال لاءِ پاڪستان جي برآمدات، واپاري خساري ۽ درآمدات ۾ واڌ جو اندازو لڳايو آهي. آءِ ايم ايف اندازو لڳايو آهي ته ايندڙ مالي سال ۾ پاڪستان جي برآمدات 35.63 ارب ڊالر تائين وڌي وينديون.
آءِ ايم ايف جي اندازن موجب، پاڪستان جي برآمدات هلندڙ مالي سال 2025-26 دوران 31.93 بلين ڊالر رهڻ جي اميد آهي، جيڪا 20 جون تي ختم ٿيندي، ۽ ايندڙ مالي سال 2026-27 دوران وڌي 35.63 بلين ڊالر ٿي ويندي.










