بدين ۾ روڊ حادثا،2 نوجوان فوت،3 ڄڻا زخمي

بدين ۾ روڊ حادثا،2 نوجوان فوت،3 ڄڻا زخمي

بدين (ن س) بدين ضلع ۾ ٻن روڊ حادثن ۾ 2 نوجوان ٿڏي تي فوت ٽي ڄڻا زخمي تفصيل موجب گذريل ڏينهن ماتلي ويجھو ڦلڪارا لڳ سيلگام ڳوٺ وٽ ڪمند سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي ۽ موٽر سائيڪل جي زوردار ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ حيدراباد واسي موٽر سائيڪل سوار نوجوان 20 ورھين جو اويس قريشي چيڀاٽجي ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو فوتي جو لاش ايڌي ايمبولينس ذريعي مقامي اسپتال آندو ويو جتي ڪاغذي ڪاروائي بعد لاش ڳوٺ پھچايو ويو نوجوان جو لاش پھچڻ تي علائقي ۾ سوڳ واري صورتحال ڇائنجي ويئي ۽ گھر ۾ روڄ راڙو مچي ويو ماتلي پوليس ٽريڪٽر ٽرالي ۽ ڊرائيور کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي ٻئي طرف بدين کان حيدرآباد ويندڙ نامعلوم عيز رفتار ڪار ۽ سامهون ايندڙ ٻن موٽر سائيڪلن وچ ۾ زوردار ٽڪر سبب ھڪ موٽر سائيڪل سوار 17سالن جو نوجوان ياس سومرو ٿڏي تي فوت ٿي ويو جڏھن ته ساڻس موٽر سائيڪل تي سوار 14 سالن جو احسان سومرو ۽ ٻئي موٽر سائيڪل تي سوار عبدالغفار ملاح ۽ الھبچايو ملاح پڻ زخمي ٿي پيا فوتي نوجوان جي ميت ۽ زخمين کي انڊس اسپتال آندو ويو جتي فوتي ياسر سومرو جو پوسٽ مارٽم کان پوء سندس ميت ان جي وارثن حوالي ڪئي وئي جنهن کي سندس اباڻي ڳوٺ گامون ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو