بدامني ۽ ڌاڙيلن ھٿان اغوا ٿيلن جي بازيابي لاءِ ريلي،

بدامني ۽ ڌاڙيلن ھٿان اغوا ٿيلن جي بازيابي لاءِ ريلي،

ڪنڌڪوٽ( ن س) ڪنڌڪوٽ ۾ وڌندڙ بدامني خلاف ۽ ڌاڙيلن ھٿان اغوا ڪيل بيگ شيخ ٠ماجد قريشي ٠ معراج ملڪ ٠ شھباز ملڪ ٠ عبدالصمد ملڪ ٠آصف نصيراڻي سميت ٻين مغوين جي بازيابي لاء جسقم ۽ جسم طرفان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو والي ڏنو سنڌي ـ سلطان سنڌي ـ عباس باجڪاڻي جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن گھنٽاگھر چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي ـ احتجاج ڪندڙن چيو آهي ته ڪنڌڪوٽ شھر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ بدامني چوٽ تي چڙھيل آهي جنهن ڪري عوام پريشان آهي ۽ پوليس ڏوھارين خلاف ڪاروايون نٿي ڪري جنهن ڪري بدامني تي ڪنٽرول نٿي رھيو آهي ـ ھنن چيو ته ڌاڙيلن وٽ باندي بڻيل مغوين جي بازيابي لاء به پوليس ڪاروائي نه ڪري سگهي آهي ھنن ايس ايس پي کان مطالبو ڪيو آهي ته ڪنڌڪوٽ مان بدامني ختم ڪرڻ ۽ مغوين جي بازيابي لاء سنجيدا قدم کڻي ڪري مغوين کي بازياب ڪرائي سندن جي گھرن ۾ پيدا ٿيل بيچيني کي ختم ڪري عوام کي آزادي سان زندگي گذارڻ جو حق ڏنو وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو