نوشھرو فيروز )ن س)سنڌ ٽي وي نيوز مٺياڻي جي رپورٽر زوار حسين چانڊيو جي ڦر ٿيل گاڏي سامان ۽ روڪ رقم واپس نـ ٿي سگھي ـ مٺياڻي جي صحافين سياسي سماجي ڌرين ۽ شھرين پاران جي ايم سيد چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي ـ مظاھري جي اڳواڻي سينئر صحافي منظور ملڪ ـ امير علي ملڪ ـ ٻيڙي مزدور يونين اڳواڻ محبوب علي ملاح ـ سماجي اڳواڻ رائو طفيل احمد ۽ ٻيا ڪري رھيا ھئا ـ ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ ھو تـ مٺياڻي شھر ھن وقت مڪمل طور تي غير محفوظ بڻجي چڪو آھي عام ماڻھون سان گڏ صحافي بـ ھاڻي محفوظ ناھن رھيا ـ سندن وڌيڪ چوڻ ھو تـ ايس ايس پي نوشھروفيروز مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪو آھي روز مرھ تي چوريون ڦرون ۽ ڌاڙا لڳي رھيا آھن پر پوليس ھن وقت تائين ڪجهه ناھي ڪري سگھي ـ سندن وڌيڪ چوڻ ھو تـ جلد از جلد صحافي زوار حسين چانڊيو جي ڦر ٿيل گاڏي ـ موبائيل ۽ روڪ رقم واپس ڪرائي وڃي نـ تـ ٻي صورت ۾ ايس ايس پي نوشھروفيروز جي آفيس اڳيان صحافي برادري احتجاج ڪري ڌرڻو لڳائي ويھي رھندي ـ










