گڏاپ(ن سنڌيار) گڏاپ جي قديمي نورمحمد گبول ڳوٺ جي زمينن تي بحريا ٽائون ۽ بروڪرن جي قبضي خلاف نورمحمد گبول ڳوٺ ۾ ڳوٺاڻن پاران ڪٺ بحريا ٽائون جي ظلم خلاف جدوجھد ڪرڻ جو فيصلو، ڳوٺاڻن قوم پرست ڌرين کي مدد جي اپيل ڪئي آهي. چاچا فيضو گبول جي پٽ مراد گبول، عبدالشڪور گبول، مير محمد، گبول، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ضلع اولھ صدر ڊاڪٽر علي نواز گبول، عطاء الله مگسي، ۽ ٻين جي سرپرستي ۾ ڳوٺاڻ پاران ڪٺ ڪوڍايو ويو، ان موقعي تي ڳالھائيندي هنن چيو ته قوم پرست ڌرين طرفان بحريا ٽائون جي بربريت خلاف 6 جون واري ڌرڻي کان پوء ڪجهه وقت ٺاپر رهي پر هاڻ وري بحريا ٽائون انتظاميا ۽ طاقتور دلالن ۽ قبضاگيرن اسان جي ڳوٺن ۽ مھاڳي جي زمينن تي قبضن لاءِ رڻ ٻاري ِڏنو آهي، روز هٿياربند، بلڊوزرن ذريعي ڳوٺ تي چاڙهي ڪري زمين تي زوري والار ڪرڻ جو سلسلو تيز ڪيو ويو آهي اسان جون عزتون، زمينون ، وسيلا ۽ وجود خطري ۾ پئجي ويا آهن ، انھن چيو ته سنڌ جي سياسي ڌرين، اڳواڻن، صحافين انساني حقن جي تنظيمن کي اپيل ٿا ڪريون ته اسان جي واهرڪريو. انھن الزام ھڻندي چيو ته ايس ايڇ او گڏاپ بحريا جو وانگارو بڻيل آھي جنھن ڳوٺاڻن مٿان لڳ ڀڳ 25 ايف آءِ آرون داخل ڪري جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي، انھن چيو ته اسان جا رستا بند ڪيا ويا آھن اسان جا مال چارا توڙي قبرستان محفوظ ڪونھن، اسڪولن ۾ ٻارن کي پڙھائڻ لاء ماسترن کي رستو ڪونھي جو پھچي ٻارن کي پڙھائي سگھن.










