بحريا ٽائون جي گارڊز جو تشدد عورت بيهوش، اسپتال داخل

ڪراچي (رپورٽ باغي ساگر پنهوار) بحريه ٽائون جي سيڪيورٽي گارڊن جو زبردست گھر خالي ڪرائڻ لاء عورت تي بي رحماڻو تشدد، عورت بيھوش ٿي وئي.  بحريه ٽائون جي سيڪيورٽي گارڊن فضا نالي عورت جي گھر ۾ داخل ٿي عورت ۽ سندس ٻارڙن کي سخت تشدد جو نشانو بڻائي زبردستي گھر مان ٻاھر ڪڍي ڇڏيو، سخت تشدد سبب عورت بيھوش ٿي وئي، جنھن کي فوري طور علاج لاء اسپتال منتقل ڪيو ويو، متاثر عورت فضا ٻڌايو ته ھو جنھن گھر ۾ رھائش پذير آھي ان جو ڪيس ملير جي ڪورٽ سڳوري ۾ ھلندڙ آھي، جنھن جي ست آگسٽ تي تاريخ رکيل آھي، عورت فضا خاتون وڌيڪ چيو ته ان کي مسلسل قتل جون ڌمڪيون ملي رھيون آھن، جڏھن کان بحريه ٽائون خلاف ڳالھ ڪئي آھي ان ڏينھن کان ان جو جيئڻ حرام ٿي ويو آھي، بحريه ٽائون جو سيڪيورٽي انچارج ھن کي مسلسل موتمار ڌمڪيون ڏئي رھيو آھي ۽ ان کي حراسان ڪيو پيو وڃي، ھن چيو ته مون حد جي پوليس کي اھڙي شڪايت به ڪئي آھي ۽ سيڪيورٽي انچارج خلاف به عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪئي آھي پر ان باوجود به ان کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو، متاثر عورت سپريم ڪورٽ، سنڌ ھاء ڪورٽ، آء جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته بحريه سيڪيورٽي انچارج خلاف ڪاروائي ڪري کيس تحفظ فراھم ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو